ملير: 26 سال اڳ سامونڊي طوفان ۾ گم ٿيل مهاڻڻ جي ڀارتي جيلن ۾ قيد هئڻ جو انڪشاف

مشتاق بنگالي اچي ٻڌايو ته هو اڍائي سال ڀارت جي جيل ۾ امير حمزو ۽ ٻين سان گڏ هو، گم ٿيل مهاڻا اتي قيد آهن: وارث

ملير: 26  سال اڳ  سامونڊي طوفان ۾ گم ٿيل مهاڻڻ جي  ڀارتي  جيلن ۾ قيد هئڻ جو انڪشاف

ملير (عبدالرشيد مورجھريو)26 سال اڳ 1999 جي سامونڊي طوفان ۾ گم ٿي ويل ماھيگيرن جي ڀارتي جيلن ۾ قيد هئڻ جو انڪشاف، ڀارتي جيل مان آزادي ماڻي وطن موٽندڙ مهاڻو مشتاق بنگالي ريڙهي پهچي وارثن کي اطلاع ڏنو، ماھيگيرن جي وارثن جي چهرن تي مرڪون وکيرجي ويون، ماهيگيرن کي آزاد ڪرائڻ جي اپيل، تفصيل موجب 1999 جي سامونڊي طوفان ۾ ريڙهي جي گم ٿي ويل 7 ماھيگيرن جي ڀارتي جيلن ۾ قيد هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي اهڙو انڪشاف 6 سال قيد ڪاٽي تازو ڀارتي جيل مان آزادي ماڻي وطن موٽندڙ بنگالي ماهيگير مشتاق ريڙهي پهچي وارثن سان ڪيو آهي واضع رهي ته 1999 ۾ سامونڊي طوفان ٺٽو بدين ۾ تباھ ڪاريون آنديون هيون ۽ ڪيترائي ماهيگير گم ٿي ويا هئا انهن سان گڏ ريڙهي مياڻ ڳوٺ جا ماهيگير امير حمزو دٻلو، حسين ملڪائي، هارون ملڪائي، سڌير ملڪائي، صديق ملڪائي، عزيز ملڪائي، سڌير بکر، هارون عبدالرحمان ملڪائي،طوفان دوران لانچ ٻڏڻ سبب حادثي جو شڪار ٿي ويا هئا، ڀارت جي جيل ۾ قيد ماهيگير امير حمزو دٻلو جي ڀاءُ نواز دٻلو صحافين کي ٻڌايو ته ڀارت جي ڪڇ ڀڄ جيل مان 6 سالن جي قيد کان پوءِ تازو آزاد ٿي آيل ماهيگير مشتاق بنگالي ريڙهي اسان جي گهر پهچي ٻڌايو ته هو اڍائي سال ڀارت جي جيل ۾ امير حمزو ۽ ٻين سان گڏ هو هو اتي جيلن ۾ قيد آهن ۽ زندھ آهن، امير حمزو جي امڙ چيو ته 25 سال انتظار ڪيو ان اميد تي ته اسان جا پيارا جيئرا آهن منهنجو پٽ جيئرو آهي ان وقت منهنجي پٽ امير حمزو جي عمر 12 سال هئي سڄي زندگي دڳن ۾ ديدون هيون حڪومت کي اپيل ڪيون ٿا اسان جي پيارن جي واپسي لاءِ اپاءَ وٺي اسان جو اوسيئڙو ختم ڪيو وڃي، ماهيگير سماجي سنگت جي صدر يونس خاصخيلي چيو ته ماهيگيرن جي واپسي لاءِ قدم کنيا وڃن حڪومت ڪردار ادا ڪري هاڻي اها پڪ ٿي وئي آهي ته ريڙهي ڳوٺ جا گم ٿي ويل ماهيگير اڄ به جيئرا صحيح سلامت ڀارت جي جيلن ۾ بند آهن انساني بنيادن تي واپسي لاءِ قدم کنيا وڃن.