عمرڪوٽ ۾ ميان حاجي محمد حسن شاھ جي سالگرهه تقريب منعقد

تقريب ۾ ايڊووڪيٽ گل منير ولھاري، ڌرمداس نرڀاڻي، دليپ ڪمار ۽ ٻيا شريڪ

عمرڪوٽ ۾ ميان حاجي محمد حسن شاھ جي سالگرهه تقريب منعقد

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پريس ڪلب عمرڪوٽ ھال ۾ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي طرفان رکيل پروقار تقريب ۾ سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ سينيئر اسپيشل سيڪريٽري سنڌ اسيمبليءَ جي 45 ھين سالگرھ کي خطاب ڪندي سينيئر صحافي پريس ڪلب عمرڪوٽ جي مئنيجمنٽ ڪميٽي جي چيئرمين رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي صدر رسول بخش رحيمداڻي چيو تہ سيد ميان محمد حسن شاھ ھڪ احساس رکندڙ طبيعت جو مالڪ آھي جيڪو ھميشه پنھنجي غريب عوام لاءِ پاڻ پتوڙيندو رھندو آھي، سنڌ جي واحد بيوروڪريٽ مان ھڪ بھترين خدمتگذار عوام ۽ راڄ ڀاڳ سان ميلاپ رکندڙ پريم ۽ ڀائيچاري جو اھڙو خوبصورت انسان آھي جيڪو آفيسر گھٽ لڳندو آھي پنھنجي عوام مريدن ھمدردن ۽ دوستن سان محبت وارو رشتو ماڻھن کي موھي ڇڏي ٿو اڄ سندس 45 ھين سالگرہ ملھائي رھيا آھيون ھڪ بهترين انسان جي جنھن ھميشه پنھنجي وطن سنڌ ۽ عمرڪوٽ جي ترقي لاءِ سوچيو آھي، ھو غريبن جي خدمت ڪندي نظر ايندو آھي اڄ اسين خوشنصيب آھيون تہ ھڪ ڀلي انسان جي سالگرهه ملهائي رھيا آھيون تقريب کي ايڊووڪيٽ گل منير ولھاري، ڌرمداس نرڀاڻي، دليپ ڪمار، اڳوڻو اي ٽي او ۽ سابق پرنسپل ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ، صدر پريس ڪلب عمرڪوٽ غلام محمد ڪنڀر، روٽري ڪلب امراڻي جي صدر سيد منآف علي شاھ، سنڌ جي نامور ڊاڪٽر لالچند کتري، سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر محمد شفيع بجير ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ جي 45 ھين سالگرہ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊميءَ ملھائي آھي، جنھن ھميشه ڪردارن ۽ شخصيتن جون تقريبون رکيون آھن انھن مان ھڪ شاندار تقريب ھي بہ آھي سائين ميان حاجي محمد حسن شاھ سينيئر اسپيشل سيڪريٽري سنڌ اسيمبليءَ ھميشه غريبن جي خدمت ڪندي نظر آيو آھي جنھن نموني عوام جي خدمت ڪئي آھي سڄي سنڌ ۽ پاڪستان ۾ سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ جو نالو گونجي ٿو، ھو ھڪ محب وطن ھئڻ سان گڏ سنڌ جي ڏتڙيل عوام لاءِ ڀرجھلو بہ آھي ڪنھن جو بہ ڪم ھجي چاھي اھو ڪھڙو بہ مسئلو ھجي ڪراچيءَ ۾ ھجي يا اسلام آباد کڻي عمرڪوٽ سندس ٽيم جا ساٿي ۽ پاڻ ماڻھن جا ڪم ڪندي نظر ايندا آھن انھيءَ سان سندس شھرت ۽ عزت اللہ سائين وڌائي آھي اسانجي دعا آھي تہ سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ پنھنجي ماروئڙن جي خدمت ڪندي نظر اچي ۽ دعاڳو آھيون تہ ھو ھر جنم سدا بھار شخصيت ھجي ۽ پنھنجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندي نظر اچي، سنڌ جي نامور قصيده خوان ۽ فنڪار فقير اقبال سيد حاجي ميان محمد حسن شاھ جو ڪلام ڳائي خوب داد حاصل ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، تقريب ۾ سالگرہ جو وزني ڪيڪ ڪاٽيو ويو ان موقعي تي سيد منآف علي شاھ صدر روٽري ڪلب امراڻو عمرڪوٽ، تعليمدان محمد زمان کوسو، سماجي اڳواڻ عبدالغفار ناگوري، سيد عباس علي شاھ، سي ايم او ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ ساجد علي شاھ، اسد علي ڀرڳڙي ۽ ٻين کي حسن ڪارڪردگي سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ ايوارڊ ڏنا ويا ان موقعي تي تقريب ۾ نائب صدر پريس ڪلب عمرڪوٽ نظر سميجو، نوجوان صحافيءَ جنرل سيڪريٽري رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي سجاد علي شيخ، صحافي اشوڪ ڪمار درڙا، نوجوان صحافي سوائي مل رکيسر، صحافي ڪانجي مل رکيسر، صحافي مدن گوپال، صحافي سيف اللہ منڱريو، صحافي مشتاق ڪنڀر، صحافي ولي خان، نوجوان صحافي سورج ڪمار مالھي، عادل حسين رحيمداڻي، انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي محبت سومرو، مينهل ڀٽي، رميش ڪمار ڪلال، دليپ ڪمار مالھي ۽ ٻيا وڏي تعداد ۾ تقريب ۾ موجود ھئا، آخر ۾ ملڪ جي سلامتيءَ قوم جي خوشحاليءَ لاءِ دعائون گهريون ويون.