ملير (ڊر) ڪراچي ملير قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو گهگهر ڦاٽڪ پهچي پارٽي اڳواڻ فياض اتيرو سان ڦر دوران مزاحمت تي شهيد ٿي ويل سندس ڀائٽي عارف اتيرو جي شهادت تي فاتحه خواني ڪئي ۽ پيش آيل افسوسناڪ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو ته عارف اتيري کي بي گناھ شهيد ڪيو ويو آهي سانگهڙ ۾ به ظلم ٿيو آهي سنڌ جي ماڻهن کي واقعي تي آواز اٿارڻ گهرجي واقعي کي ڪيترائي ڏينهن گذري ويا آهن پر اڃان تائين پوليس مک جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي سنڌ پوليس سياسي ونگاري بڻجي چڪي آهي صوبي ۾ قانون جي نالي تي ڪا به شئي نظر نه اچي، عام ماڻهو گهرن گهٽين مارڪيٽن ۾ غير محفوظ بڻجي ويا آهن ماڻهو اغوا ٿي رهيا آهن جڏهن ته عوام جي محافظ پوليس وي آئي پي جي نالي تي پروٽوڪول ڏيڻ ۾ مصروف آهي پيپلزپارٽي جي حڪومت سنڌ کي ڪرپشن، لاقانونيت کان سواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو زرداري ٽولو اقتدار جي خاطر سنڌ جي وسيلن جي ڦر لٽ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، سنڌ جي وسلين درياھ کي بچائڻ لاءِ سنڌ جي عوام کي عملي طور تي ميدان تي نڪرڻو پوندو، پيپلزپارٽي پاڻ ڪئنال ٺاهڻ جي اجازت ڏني آهي، سنڌ جي عوام سان هميشه ويساه گهاتيون ڪيون ويون آهن سنڌ جي روزگار جي وسيلن تي قبضو ڪيو ويو آهي سنڌ جا ماڻهو وقتي طور تي ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ بدران پنهنجي ڌرتي ٻولي ثقافت وسلين جي مالڪي لا منظم جدوجهد ڪري ڪاميابي ماڻي نا اهل ڪرپٽ حڪمرانن مان نجات حاصل ڪري سگهن ٿا
0 تبصرے