English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور پريس ڪلب ۾ محقق ۽ قوم پرست اڳواڻ نثار هڪڙو جي ورسي تقريب ڪوٺائي وئي
193 views
|
02nd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور جي راڳين سر وکيري محفل لٽي ورتيادبي سنگت ۽ قوم پرست لڏي تي به تنقيد ڪئي وئي
شڪارپور (احسان ابڙو )شڪارپور پريس ڪلب ۾ محقق ۽ قوم پرست اڳواڻ سائين نثار هڪڙو جي ورسي تقريب ڪوٺائي وئي ادبي سنگت ۽ قوم پرست لڏي تي تنقيد ڪئي وئي. شڪارپور جي راڳين پڻ سر وکيري محفل لٽي ورتي. سوشل اينڊ لٽرري فورم پاران ليکڪ ۽ قوم پرست اڳواڻ سائين نثار هڪڙو جي ايڪيهين ورسي پريس ڪلب شڪارپور ۾ ملهائي وئي، ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي، نامياري محقق ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو چيو ته نثار هڪڙو ماڻهن کي مايوسين مان ڪڍي، اميد ۽ اتساهه جا دڳ رستا ڏيکاريندو هو. هن هڪ فرد جي حيثيت ۾ جيترو پاڻ ملهايو اوترو ڪم وسيلن باوجود لاڳاپيل ادارا به نه ٿا ڪن. هن جو جيترو مطالعو ۽ مشاهدو هو اوترو ئي معاشري، پنهنجي قوم ۽ انسانيت سان مخلص هو.ڊاڪٽر راجا ڏاهر چيو ته بابا علم، تجربي ۽ مشاهدي جي منتقليءَ کي يقيني بڻائي قومي فرض پوري ايمانداريءَ سان نڀايو. ادبي سنگت ۽ قوم پرستن جي آبياريءَ جي حوالي سان هن سڄي زندگي ارپي پر افسوس ته انهن کيس مڪمل نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي. بابا اها ڳالهه سمجهائي ويو ته آزادي تخليق ۽ تعمير جڏهن ته غلامي تقليد کي جنم ڏيندي آهي.بابا جو خواب هو ته سنڌي ماڻهو ويهين ايڪيهين گريڊ وارين نوڪرين ۾ پنهنجي محنت سان ڪاميابي ماڻي ملڪي وهنوار ۾ پاليسي ساز ڪردار ادا ڪن پر افسوس اهو آهي ته اسان جي نوجوانن کي منشيات سميت ٻين صحت ۽ سماج دشمن سرگرمين حوالي ڪيو ويو آهي.نامور دانشور ممتاز منگي چيو ته سائين نثار هڪڙو ان ڪري عطيم انسان آهي جو سندس ڪمنٽمينٽ پنهنجي سماج سان ھئي. ھن پبهنجيون صلاحيتون اڪثريتي ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪتب آڻي، جيڪا امرتا ماڻي آهي، تنهن مان اسان کي سڀني سبق حاصل ڪرڻ گهرجي.همير چانڊيو چيو ته ضياءُ الحق جي دور ۾ جنهن لکيل ڪتاب فريڊم ائٽ مڊ نائيٽ تي پابندي لڳي، تنهن کي سائين نثار” آڌي رات جي آزادي“ جي عنوان سان ترجمو ڪري منظر عام تي آڻي، خلق کي بر صغير جي ٽٽڻ جي اصل حقيقت کان آگاهي ڏني. سندس تحقيق، ادب ۽ ڪردار سازي وارو پورهيو هميشه ياد رکيو ويندو.قوم پرست اڳواڻ سميع بلالي چيو ته نثار هڪڙو جي سنڌ سان عاشقيءَ واري عظمت ۽ اوچائيءَ جي ڪو مٽ نه آهي.سماجي اڳواڻ پرويز هڪڙو چيو ته سائين نثار هڪڙو جي پهرين ۽ آخري ترجيح سنڌي ماڻهن جي خوشي ۽ خوشحالي هئي.ليکڪ نسيم بخاري چيو ته سائين نثار هڪڙو سميت شڪارپور جي عظيم هستين کي ياد ڪري موجوده دور جي ضمير کي جاڳائڻ ۽ جهنجهوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.تعليم دان ۽ فورم جي سيڪريٽري آصف شيخ چيو ته بدترين حالتن ۾ بهترين ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم رکون ٿا ۽ چاهيون ٿا ته شهر جي ڀلائي چاهيندڙ صالح ماڻهو اسان جي سٿ جا ٻانهن ٻيلي ٿين.ان موقعي تي شڪارپور بچايو تحريڪ جي چيئرمين مولانا مسعود احمد قادري ، صاحبزاده حافظ فضل الله نوراني، ميان ظفر علي عَلوي، قوم پرست اڳواڻن اسد ﷲ سومرو توڙي عمران منگي ۽ سائين انور سومرو پڻ خطاب ڪيو.جڏهن ته شڪارپور جي سريلن فنڪارن شاهد سومرو، عبدالرحمان سومرو ۽ عمران لاڙڪ قومي توڙي رومانوي گيت ٻڌائي هال ۾ ويٺل ماڻهن جون دليون جيتي ورتيون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور
نثار هڪڙو
0 تبصرے