English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عوامي تحريڪ پاران سنڌ دشمن منصوبن خلاف 12 ڪلوميٽر پيادل مارچ
172 views
|
02nd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
تڪراري ڪئنال، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ سنڌ جون زمينون خانگي ڪمپنين حوالي ڪرڻ سنڌ دشمني آهي: اڳواڻ
ملير (ڊر ) 6 نون ڪئنالن، ارسا ايڪٽ ترميم خلاف عوامي تحريڪ طرفان گهگهر ڦاٽڪ کان گُلشن حديد تائين 12 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو اسٽريٽجڪ ڪئنال منصوبا ڪالاباغ ڊيم کان وڌيڪ خطرناڪ آهن، ايڊووڪيٽ وسند ٿري مرڪزي صدر عوامي تحريڪ پيپلز پارٽي ڪئنالن جي منظوري ڏئي عوام سان فراڊ ڪيو آهي، وسند ٿري سنڌو درياهه تي ڪئنال سنڌي عوام جي نسل ڪشي آهن، وسند ٿري ايس آءِ ايف سي تحت ڪارونجهر به وڪرو ڪيو پيو وڃي، ايڊووڪيٽ وسند ٿري , 6 نون ڪئنالن، سنڌ جي زمين خانگي ڪمپنين حوالي ڪرڻ ۽ ارسا ايڪٽ ترميم خلاف عوامي تحريڪ طرفان ملير ۾ گهگهر ڦاٽڪ کان الله والا چورنگي گُلشن حديد تائين 12 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو. جنهن جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، ضلعي ملير جي صدر پرهه سومرو، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري زبير نوناري، ايڊوڪيٽ خالد تنيو، ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ، اقبال جروار، زاهده نواز گهنڃو، ساک سنڌو، رستم ميراڻي، بلقيس لانگاهه، ساجده ملاڻو، حور النسا ميراڻي، حاجران ڪلمتي ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته پيپلز پارٽي سنڌي عوام سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي، ڇهه نون ڪئنالن جي منظوري ڏئي سنڌ سڪائڻ جي سازش ڪئي وئي آهي، حڪمران ڪوڙا بيان ڏئي عوام کي گمراهه ڪري رهيا آهن. پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌين جي نسل ڪشي جي منصوبن جي پٺڀرائي ڪئي آهي. هن چيو ته سنڌو درياهه تي نون ڪئنالن وارو منصوبو ڪالاباغ ڊيم کان وڌيڪ خطرناڪ آهي. حڪمرانن ملڪ کي خطرناڪ موڙ تي پهچائي ڇڏيو آهي. معاشي ترقي جي نالي ۾ مظلوم قومن جا وسيلا ۽ زمينون نيلام ڪيون پيون وڃن. پيڪا ايڪٽ ترميم وسيلي جمهوريت جو قتل ڪيو ويو آهي. پيڪا ايڪٽ ترميم اظهار جي آزادي جي آئيني حق جو ڳلو دٻائڻ برابر آهي. پيڪا ايڪٽ وسيلي آئين جي سنگين لتاڙ ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياهه تي نون ڪئنالن خلاف سنڌي عوام ڀرپور جدوجهد ڪئي آهي، ڪئنالن کي رد ڪرائڻ تائين جدوجهد جاري رهندي. سنڌي ماڻهن هزارين سالن کان پنهنجي درياهه ۽ ڌرتيءَ جو تحفظ ڪيو آهي. سنڌو درياهه سنڌي ماڻهن جي جياپي جو واحد ذريعو آهي. سنڌي قوم پنهنجي درياه جي تحفظ لاءِ ڊگهي جدوجهد لاءِ تيار آهي. حڪمران پنهنجي هوڏ تان لهن، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ اسٽريٽجڪ ڪئنال جهڙا منصوبا فوري طور ختم ڪن، اتحادي سرڪار اشرافيا جي مفادن جي تحفظ لاءِ ملڪي مفادن جو سودو ڪيو آهي، اتحادي سرڪار ملڪ کي وڪڻڻ لاءِ ايس آءِ ايف سي جو ادارو جوڙيو آهي، ايس آءِ ايف سي تحت ملڪ جي زمينن ۽ وسيلن جو وڪرو ملڪي سلامتي لاءِ خطرو آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ سبب ملڪ ۾ کاڌ خوراڪ جي شديد کوٽ پيدا ٿيندي، هاري بي دخل ٿيندا، بک بدحالي ۽ بيروزگاري وڌندي، ملڪ جو عوام پنهنجي ڌرتيءَ تان مالڪيءَ جو حق وڃائي ويهندو ۽ زمينون عوام بدران ڪمپنين جي ملڪيت بڻجي وينديون جنهنڪري هي منصوبا ختم ڪري عوام جو سياسي، سماجي ۽ معاشي تحفظ يقيني بڻايو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
عوامي تحريڪ
0 تبصرے