English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم طرفان ڄاڻ فراھم ڪرڻ جي حوالي سان ويهڪ ٿي گذري
129 views
|
21st Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سول سوسائيٽي ۽ مختلف تنظيمن، نوجوانن، شھر جي معززين ۽ صحافين پاران مختلف معاملن تي غور ويچار
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم طرفان ڄاڻ فراھم ڪرڻ جي حوالي سان سول سوسائيٽي ۽ مختلف تنظيمن، يوٿ جي نوجوانن، شھر جي معززين ۽ صحافين سان سان گڏ ويھڪ، مختلف مامرن تي گفتگو ڪندي انھي جي حل لاء گڏيل طور تي جاکوڙ ڪرڻ جو عھد ڪيو ويو. خبر موجب عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم (سي پي ڊي آئي) پاران اسٽيڪ ھولڊر ڊائيلاگ ۽ ان ۾ لوڪل سطع تي اڻواقف ماڻھن کي ڄاڻ جي فراھمي جي حوالي سان مقامي ھال ھڪ ڏينھن جو ورڪشاپ رکيو ويو جنھن ۾ سول سوسائيٽي سان لاڳاپيل ماڻھن مختلف سياسي سماجي اڳواڻن نوجوانن توڙي عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏھن ته ورڪشاپ دوران ڳالھائيندي اڳوڻي سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي آفيسر سروپچند مالھي چيو ته اسان پنھنجا حق تڏھن وٺنداسين جڏھن اسان کي پنھنجي بنيادي حقن بابت ڄاڻ ھوندي اسان جي ووٽن سان مقامي چونڊجي آيل نمائندن بابت اسان کي ڄاڻ ھجڻ گُھرجي ته اسان جي علائقن مان ڪيھڙي يونين ڪائونسل توڙي شھر جي وارڊن تي ڪيھڙا نمائندا چونڊجي آيا آھن ۽ اسان جي بنيادي مسئلن لاء ڪيھڙو آواز اٿاريو پيو وڃي جنھن بابت نه رڳو عام شھرين توڙي ڄاڻ نه رکندڙ ماڻھن ۾ شعور پيدا ڪرڻو پوندو ۽ پنھنجي حقن لاء جاکوڙ ڪرڻي پوندي ھن کان علاوه ننڍي ڄمار ۾ ٿيندڙ شاديون به غلط عمل آھي جنھن لاء قانون کي قدم کڻن گُھرجي ان موقعي تي وڪيل سڪندر کوسو چيو ته پاڪستان جي آئين تحت ھر شھري کي بنيادي حقن جي تحفظ جو مڪمل يقين ڏنل آھي، ايئن ئي ڄاڻ جو حق بہ ھر شھري کي حاصل آھي، ان حوالي سان سنڌ رائيٽ ٽو انفارميشن اينڊ ٽرانپيرنسي ايڪٽ 2016 تحت سرڪاري توڙي نيم سرڪاري ادارن مان ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو مڪمل طريقہ ڪار ڏنو ويو، جنھن تحت ھر ادارو پابند آھي مڪمل ڄاڻ فراھم ڪرڻ جو ۽ جيڪڏھن ڪو ادارو درخواست ڏيڻ باوجود بہ ڄاڻ نٿو ڏئي تہ سنڌ انفارميشن ڪميشن کي شڪايت ڪري سگھجي ٿي، جيڪا پڻ ٻن مھينن ۾ شڪايت اڪلائيندي، جڏھن تہ ان ايڪٽ جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاء ضروري اھي تہ اھوسنڌي ۾ ترجمو ڪرائي عام ماڻھو تائين پھچايو وڃي تہ جيئن ھر ماڻھو پنھنجي حقن کان واقف ٿي سگھي نامياري ليکڪ سردار ڀيو چيو ته جاهليت موت مثل آهي، باخبر ماڻهو معاشري ۾ بهتر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، ٻهراڙي جي نوجوانن کي پنهنجي يونين ڪائونسلن ۽ ٽائون ڪاميٽين جي چونڊيل نمائندن کان پنهنجي علائقي جي ترقياتي ڪمن بابت پڇاڻو ڪن. علائقي ۾ وڌندڙ منشيات جي واهپي سبب نوجوان شڪار ٿي رهيا آهن منشيات خلاف مقامي ماڻهن کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سرڪاري ادارن پاران بدترين انتظامڪاري کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ عمرڪوٽ جي شهرين کي اڳتي اچڻو پوندو، سڀ کان پهرين شهرين ۽ ڳوٺاڻن کي سرڪاري ادارن ڪي ڪم ۽ ڪردار بابت آگاهي حاصل ڪرڻ گهرجي ان موقعي تي اويس رضا سميجو، کيتو مل، سماجي اڳواڻ عبدالغني ھاليپوٽو، عبدالجبار ڪنڀر، سينيئر صحافي غلام مصطفي مھر ۽ ٻين چيو ته ھر شھري کي اھو حق آھي ته پھريان پنھنجي بنيادي حقن بابت ڄاڻ ھجي ۽ پوء انھي حقن جي حاصلات لاء لاڳاپيل کاتي سان رابطو ڪري انھي جو حل ڳوليو وڃي جنھن لاء اسان سڀني کي گڏيل طور تي جھدوجھد ڪري عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻو پوندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
0 تبصرے