امام علي عليه السلام جو پيش ڪيل نظريو حقيقت ۾ خدا جو ڏسيل رستو آهي : مقرر
نوشھروفيروز(ڊر) اصغريه پاڪستان ضلع نوشھروفيروز جي طرفان مولاء متقيان امام علي عليه السلام جي عظيم علمي شاھڪار, خطبن, خطن ۽ قولن تي مشتمل, فصاحت, بلاغت ۽ حڪمت جي موتين سان ڀريل "نھج البلاغه سيمينار" سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس نوشھروفيروز ۾ منعقد ڪيو ويو, جنهن ۾ سياسي, سماجي, ۽ مذھبي شخصيات وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سيمينار جي صدارت اصغريه آرگنائيزيشن پاڪستان جي مرڪزي صدر محمد حنيف ڪانھيو ڪئي جڏهن ته علامه رضا محمد سعيدي, دانشور معظم استاد اخلاق احمد اخلاق, نگھبان ڪائونسل جي رڪن محمد يوسف حسيني اصغريه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن پاڪستان جي مرڪزي صدر ثقلين رضا جعفري مرڪزي فنانس سيڪريٽري برادر زين العابدين جعفري اصغريه آرگنائيزيشن جي ڊويزنل صدر مھدي رضا مري اصغريه اسٽوڊنٽس جي ڊويزنل صدر سائينداد جعفري ضلعي صدر اشفاق حيدر حيدري خطاب ڪندي نهج البلاغه جي مختلف موضوعات تي روشني وجهندي چيو ته امام علي عليه السلام جو پيش ڪيل نظريو حقيقت ۾ خدا جو ڏسيل رستو آهي پر ان تي عمل ڪرڻ وارا ڪيترا آهن جيڪڏهن ان تي عمل ڪريون ته نجات حاصل ڪري وٺون اسان قران سان گڏ نهج البلاغه پڙهون ته ٿا پر سٺا انسان ڪونه ٿي سگهيا آهيون جيڪا اسانجي ڪوتاهي آهي جنهن کي درگذر ڪرڻو پوندو تڏهن سماج ۾ اسانجو معيار بلند ٿيندو۔ سيمينار ۾ سيد علي گل شاھ, اعجاز ممنائي, ڪاشف حسين, عاشق حسين, عرفان علي چنه, عاقب حيدر ڪامياب پروگرام ڪرڻ تي سڀني جو شڪريو ادا ڪيو سيمينار جو اختتام دعا سلامتي امام زمانه سان ڪيو ويو
0 تبصرے