سجاول ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو جوائننگ آرڊر نه ملڻ خلاف ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيس آڏو ڌرڻو

سڄي سنڌ ۾ ٽيسٽ پاس اميدوارن کي آرڊر ملي چڪا آهن، سجاول ضلعي جي اميدوارن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي: مظاهرين

سجاول ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو جوائننگ آرڊر نه ملڻ خلاف ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيس آڏو ڌرڻو

سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ آئي بي اي ٽيس پاس اميدوارن پاران ويٽينگ جي ڀرتي عمل ۾ سستي ۽ جي اي ايس ٽي ڀرتي ضلع ليول نه ڪرڻ خلاف ڊي اي او آفيس سجاول اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي ۾ گسٽا ضلع سجاول جي صدر غلام قادر باغي، جنرل سيڪريٽري، عبدالرحيم قاضي، عاصم رشيد، شهزاد ميمڻ، شهري اتحاد جي اڳواڻن صدر اياز ميمڻ، منيرميمڻ، نثاراحمد ميمڻ، احسان ٻجورو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته آئي بي اي پاس اميدوار پنهنجي ميرٽ جي بنياد تي پاس ٿيا آھن پر افسوس هتي جو ڊي اي او ۽ ان جي انتظاميه سست ڇو آهي هنن حڪومت سنڌ کي مطالبو ڪندي چيو ته گورنمينٽ جي پاليسي تحت آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي آفرآرڊر جلد کان جلد ڏئي انهن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي. نه ته ٻي صورت ۾ آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوان سان گڏ گسٽا ضلع جا اڳواڻ به روڊن تي نڪري ايندا.