ڪراچي ۾ ميسرز انسٽيٽيوٽ آف ڪاسٽ اينڊ مئنيجمينٽ اڪائونٽنٽ آف پاڪستان پاران سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب

ڪراچي ۾ ميسرز انسٽيٽيوٽ آف ڪاسٽ اينڊ مئنيجمينٽ اڪائونٽنٽ آف پاڪستان پاران سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب

ڪراچي (وسيم قريشي) ميسرز انسٽيٽيوٽ آف ڪاسٽ اينڊ مئنيجمينٽ اڪائونٽنٽ آف پاڪستان (ICMA) ڊسٽرڪٽ ايسٽ، ڪراچي پاران BBSHRRDB جي ڪامياب ٽرينين جي فيز XV جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي. ريجنل ڊائريڪٽر محترم لعل محمد لاکن آيل مهمانن جو استقبال ڪيو ۽ اداري جو تعارف ڪرايو. محترم *سيڪريٽري BBSHRRDB جناب منور علي متاڻي صاحب *مختلف تربيت وٺندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ۽ پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته BBSHRRDB مختلف شعبن ۾ ٽريننگ جا بهترين موقعا فراهم ڪري ٿو، جتي ڪيترائي ڪامياب ٽرينين پنهنجا مقصد حاصل ڪيا. موجوده سماجي ۽ معاشي حالتن ۾ سنڌ حڪومت هن کاتي ذريعي ڀرپور توجه ڏني آهي. اعزازي سيڪريٽري چيو ته اسان جو مشن اهو آهي ته پاڪستان جي نوجوانن کي مناسب تربيت ڏني وڃي ته جيئن روزگار جي مارڪيٽ ۾ مهارت رکندڙ پورهيتن جي ضرورت کي پورو ڪري سگهجي، سنڌ جي نوجوانن خاص ڪري عورتن کي فني ۽ ووڪيشنل ٽريننگ ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي. معزز * انجنيئر. تيمور علي، ريجنل ڪنسلٽنٽ، BBSHRRDB پڻ چيف گيسٽ طور شرڪت ڪئي ۽ هن ٽريننگ جي اهميت کي واضع ڪيو، ۽ اداري جي ورڪنگ پارٽنر جي حيثيت سان ڊپارٽمينٽ ۽ تربيت وٺندڙن جي ڪم کي ساراهيو. ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل ٽريننگ ۽ تعليم ذريعي نوجوانن خاص ڪري عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ضرورت آهي. تنهن ڪري، نوجوان نسل ۽ ملڪ جي سماجي-اقتصادي استحڪام لاء مناسب معاشي موقعا پيدا ڪرڻ ضروري آهي. جهانزيب ڪمال، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مانيٽرنگ، اجلاس ۾ محترمه الماس ماروي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مانيٽرنگ محترمه سعديه اليا ۽ نعيم خٽڪ پڻ شرڪت ڪئي.