ٺٽو(ڊ ر)ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب ٺٽو پاران حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جي مسئلن جي حل بابت کلي ڪچھري منعقد ڪئي وئي. صوبائي محتسب سنڌ جي خصوصي ھدايتن تحت ريجنل ڊائريڪٽر محتسب ٺٽو ھارون احمد خان پاران حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جي پينشن، جي پي فنڊ، گريجوئٽي، ڪميوٽيشن ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ٺٽو ۾ کليل ڪچهري منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي رٽائرڊ سرڪاري ملازمن پاران پينشن ۽ ٻين مراعتن جي ادائگي ۾ ڌير ۽ فيملي پينشن ٽرانسفر نہ ٿيڻ سميت مختلف قسم جون شڪايتون ڪيو ويون، جنھن تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب موقعي تي ئي لاڳاپيل آفيسرن کي ھدايت ڪئي تہ سندن مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن تہ جيئن کين پريشاني کان بچائي سگهجي. ريجنل ڊائريڪٽر محتسب ھارون احمد خان ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي اھا پڻ هدايت ڪئي ته ھو حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ملازمن جا مسئلا قاعدن ۽ ضابطن موجب جلد حل ڪن ته جيئن کين ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منھن ڏيڻو نہ پوي. ھُن چيو تہ صوبائي محتسب جو ادارو عوام جون شڪايتون جلد حل ڪرڻ لاءِ ھر وقت متحرڪ آهي، جيڪو بنا ڪنهن وڪيل، بنا دير ۽ بنا ڪنهن فرق جي ماڻهن کي انصاف جي فراهمي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ھُن کُلي ڪچھري ۾ شرڪت ڪندڙ مختلف کاتن جي ملازمن کي صلاح ڏني ته ھو پنهنجون شڪايتون صرف هڪ سادي ڪاغذ تي موڪلي ڏين تہ جيئن سندن مسئلن جي حل لاءِ اعليٰ اختيارين کي لکي سندن مسئلا حل ڪرائي سگهجن. ان موقعي تي ضلعي اڪائونٽس آفيسر ذوالفقار علي انصاري مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريندي چيو ته اسان جي آفيس جا دروازا عوام لاءِ هر وقت کليل آهن. ھن چيو تہ اسان ريٽائرڊ توڙي حاضر سروس سرڪاري ملازمن جا مالياتي صلاحڪار طور ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن سندن بنيادي مسئلا فوري طور حل ڪري سگهجن. کُلي ڪچھري ۾ اڪائونٽنٽ افضال حسين چانڊيو، اعجاز علي راهپوٽو، سميع الله شيخ، سب اڪائونٽنٽ سليم گاڏھي، منصور علي شاهه، گل محمد مري، آصف خان، سرور سولنگي ۽ ٻين آفيسرن کان علاوه حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن پڻ شرڪت ڪئي.
0 تبصرے