مرڪزي امام بارگاهه ابو طالب عليه السلام ۾ منقعد جشن ۾ نوجوانن، بزرگن ۽ ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
عمرڪوٽ(رپورٽ :ڪانجي مل رکيسر) پوري دنيا جيان عمرڪوٽ ۾ به 13 رجب تي مولاءِ ڪائنات امام علي عليه السلام جي ولادت جو جشن انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملھايو ويو، مرڪزي امام بارگاهه ابو طالب عليه السلام ۾ منقعد ٿيندڙ هن تقريب ۾ پوري شهر مان نوجوانن، بزرگن ۽ ٻارڙن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جشن ولادت حضرت علي ڪرم اللہ وجھہ جي موقعي تي معروف خطيب سيد ثمر عباس نقوي ۽ مولانا ارشاد عرفاني پنهنجي پرجوش ۽ دل کي ڇهڻ واري خطابن سان محفل کي رونق بخشي، انهن جي تقريرن ۾ حضرت علي ڪرم اللہ وجھہ جي سيرت ۽ انهن جي ڪردار تي روشني وڌي، جڏهن ته سامعين حيدر حيدر جا پرجوش نعرا بلند ڪري محفل کي وڌيڪَ روحاني رنگ ڏنو، ڳوٺ سنجرخان رند ۾ جشن مولود ڪعبه ۽ حضرت علي عليه السلام جي ولادت جي خوشي ۾ شاندار تقريب حضرت امام علي عليه السلام جي ولادت باسعادت 13 رجب جي موقعي تي ڳوٺ سنجر خان رند نزد ۾ جشن مولود ڪعبه جو انعقاد ڪيو ويو، هي شاندار تقريب سيد عباس علي شاهه جي سرپرستي ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ مختلف معزز شخصيتن شرڪت ڪئي، جن ۾ سيد عباس علي شاهه، محرّم علي جعفري، سجاول خان رند، محمد بخش، محمد اسماعيل ڪٻڙ خان، ۽ محمد اعظم شامل هئا، جشن جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ قصيده خوانن ذيشان علي حيدري، امتيار علي ۽ ٻين امام علي عليه السلام جي مدح ۾ قصيدو پڙهيا، ان موقعي تي مولانا فرمان علي معصومي ۽ استاد العلماء مولانا حيدر عباس روحاني پڻ امام علي عليه السلام جي شان ۾ خطاب ڪيو آخر ۾ لنگر امام حسين عليه السلام پڻ ورهايو ويو، ۽ بانيان جشن، ماسٽر قمبر علي رند ۽ علي بخش رند مومنين جو شڪريو ادا ڪيو، هڪ ٻي اهم تقريب ۾ جشن مولود ڪعبه جي سلسلي ۾ ريلي جو انعقاد ڪيو ويو، جيڪا ڳوٺ صوفي احمد علي کان شروع ٿي ڪري راجه اسدعلي هائوس پهتي، هن ريلي جي قيادت عباس علي قاظمي، راجه اسد علي قنمبر علي رند، سيد اسد علي قاظمي، ۽ ٻين ڪئي، خصوصي طور تي قلندري علي حيدر شاهه، قاسم ڀاءُ، ڪريم ڪي ڪي، ۽ عبدالقدوس پڻ شرڪت ڪئي، ريلي شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب ڪنري پهتي، جتي خطاب دوران حضرت علي عليه السلام جي عظمت ۽ شان کي اجاگر ڪيو ويو، ان موقعي تي ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو ۽ وڏي تعداد ۾ مومنين خوشي جو اظهار ڪيو، هي تقاريب اهل تشيع جي جذبات ۽ عقيدت جو بهترين اظهار هيون ۽ هر سطح تي حضرت امام علي عليه السلام جي ولادت جي خوشي کي ڀرپور طريقي سان ملهايو ويو.
0 تبصرے