عمرڪوٽ ۾ بار ايسوسيئيشن جي لائبريري سيڪريٽري جي چونڊ

نامور وڪيل ۽ صحافي گل منير ولھاري لائبريري سيڪريٽري جي اليڪشن کٽي ورتي

عمرڪوٽ ۾ بار ايسوسيئيشن جي لائبريري سيڪريٽري جي چونڊ

عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) سنڌ جو نامور وڪيل ۽ سماجي شخصيت صحافي گل منير ولھاري لائبريري سيڪريٽري جي اليڪشن ۾ سڀني کان وڌيڪَ ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي، سنڌ جي نامور وڪيل گل منير ولھاري کي بار ايسوسيئيشن عمرڪوٽ جي لائبريريءَ سيڪريٽري جي سيٽ کٽڻ تي نامور سماجي شخصيت پريس ڪلب عمرڪوٽ جي مئنيجمنٽ ڪميٽي جي چيئرمين رسول بخش رحيمداڻي، صدر پريس ڪلب عمرڪوٽ غلام محمد ڪنڀر، نوجوان صحافي ڪالم نويس سجاد علي شيخ، عمرڪوٽ جو نوجوان وقاص يوسفزئي ۽ ٻين سندس آفيس وڃي مبارڪباد ڏني ۽ خوشي جو اظھار ڪيو ان موقعي تي رسول بخش رحيمداڻي ڳالھائيندي چيو تہ نامور وڪيل سماجي شخصيت صحافي گل منير ولھاري ھڪ پرخلوص غريبن جو ھمدرد پاڻ درگاہ اڪبريا جا گادي نشين پڻ آھن، پر سادگي ۽ انسانيت سان محبت جي فلسفي ۾ ائين لڳندو آھي جئين عام ماڻھون ھجي سندس نوڙت ۽ سادگيءَ ۽ محبت جو انداز سنگت کي موھي ڇڏيندو آھي سڀني کان وڌيڪَ پينل ۾ لائبريري سيڪريٽري بار ايسوسيئيشن ۾ 53 ووٽ کڻي شاندار ڪاميابي ماڻي اھو ثابت ڪيو تہ عمرڪوٽ بار ايسوسيئيشن ۾ بہ محبت ۽ پيار ۽ سچائي جي فلسفي کي عام ڪندڙ گل منير ولھاري وڪيلن جي گھڻي ووٽ سان ڪامياب ٿي اھو ميسج ڏنو آھي، تہ سچائي ۽ مخلصي انسان جي زندگيءَ کي بدلائي ڇڏيندي آھي ۽ گھڻا دوست پيدا ڪندي آھي ۽ مونکي يقين آھي تہ ھي غريبن ۽ ڏکايل ماڻھن جي خدمت جاري رکندو.