English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ ڪرڪيٽ مقابلا جاري، رحمداڻي ڪلب مري اليون کي 64 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي
views
|
13th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
رحمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي 16 اوورن ۾ 6 وڪيٽن تان 161 رنسون ٺاھيون، انيل ڪمار ڪولھي 99 رنسن تي ناٽ آئوٽ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ماروي اسٽيڊيم عمرڪوٽ ۾ پھريون الحاج سيد علي مردان شاھ ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ھارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ رحمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي عمرڪوٽ پنهنجو ٻيو ميچ کٽي ورتو ٽورنامنٽ ۾ پھرين بيٽنگ ڪندي رحمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي 16 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 161 رنسون ٺاھيون جنهن ۾ بدقسمتي سان انيل ڪمار ڪولھي پنهنجي سنچري مڪمل ڪري نه سگھيو 99 رنسن جي بھترين اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ رھيو ۽ مين آف دي ميچ جو ايوارڊ انيل ڪمار کي ڏنو ويو جواب ۾ بيٽنگ ڪندي مري اليون ڪرڪيٽ ڪلب 12 اوورن ۾ 97 رنسون ٺاھي آل آئوٽ ٿي ويئي رحمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي طرفان شاندار بالنگ ڪندي علي حيدر پرڪاش ۽ حامد ڪنڀر 2/2 وڪيٽون ورتيون مري اليون ڪرڪيٽ ڪلب جو ھڪ به رانديگر سٺي ڪارگردگي ڏيکاري نه سگھيو ٻئي ميچ ۾ سندراني ڪرڪيٽ ڪلب کي شمس ڪرڪيٽ ڪلب راجا رستي شڪست ڏيئي ڇڏي ھن ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کي اسپورٽس يوٿ افيئر ڊيپاٽمنٽ حڪومت سنڌ جو تعاون حاصل آهي جڏهن ته پاڪستان اسپورٽس بورڊ ۽ اسپورٽس يوٿ افيئر ڊيپاٽمنٽ حڪومت سنڌ جي طرفان بين ال صوبائي وزرات سنڌ جي تحت ھڪ فارم ڪرڪيٽ اڪيڊمين ۽ ڪلبن لاء جاري ڪيو ويو آهي جيڪو 16.1.2025 خميس جي ڏينهن پنهنجي رجسٽريشن جا ڪاغذات ۽ پنھنجا فار وغيرا ڀري ڊي او اسپورٽس آفيس عمرڪوٽ ۾ جمع ڪرائين گذريل ڏينهن رحمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي صدر رسول بخش رحمداڻي ڪرڪيٽ ڪلبن ۽ اڪيڊمين جي آفيشل ڪپتانن سان ميٽنگ ڪندي چيو ته ھي سنھري موقعو آهي عمرڪوٽ وارن لاء ھو ايسوسئيشن ڪرڪيٽ ڪلبن ۽ اڪيڊميز جي رجسٽريشن ۾ پنهنجو ڀرپور حصو وٺن ۽ پنهنجن ڪرڪيٽ ڪلبن ۽ اڪيڊمين جي عھديدارن جو اعلان ڪن 2025 جي باڊيز منتخب ڪري ان جو اعلان ڪن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
حج - اسلام جو عظيم فريضو ۽ روحاني توڙي اخلاقي تربيت جو ذريعو
05th Jun 2025
•
سندھ
یوبی جی رہنماوں کا500ارب ڈالر کی افریقی درآمدی مارکیٹ کیلئے اسٹریٹجک مارکیٹنگ پر زور
05th Jun 2025
•
تازہ ترین
پاکستان عالمی ادارہ محنت کی بنیادی اقدار اور محنت کشوں کے حقوق کے تحفظ اور ایک مشترکہ باوقار اور روشن مستقبل کی تعمیر کیلئے تمام شراکت داروں کے ساتھ مل کرکام کرنے کو تیار ہے۔چودھری سالک حسین
05th Jun 2025
•
پاکستان
آئیڈنٹیٹی پاکستان کی پہلی” ہنر مند“ نمائش کا انعقاد قونصل جنرل آف پاکستان ٹورنٹو کینیڈا میں عیدمیلے کے موقع پر کیا گیا
05th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
حج - اسلام جو عظيم فريضو ۽ روحاني توڙي اخلاقي تربيت جو ذريعو
05th Jun 2025
•
سندھ
یوبی جی رہنماوں کا500ارب ڈالر کی افریقی درآمدی مارکیٹ کیلئے اسٹریٹجک مارکیٹنگ پر زور
05th Jun 2025
•
تازہ ترین
پاکستان عالمی ادارہ محنت کی بنیادی اقدار اور محنت کشوں کے حقوق کے تحفظ اور ایک مشترکہ باوقار اور روشن مستقبل کی تعمیر کیلئے تمام شراکت داروں کے ساتھ مل کرکام کرنے کو تیار ہے۔چودھری سالک حسین
05th Jun 2025
•
پاکستان
آئیڈنٹیٹی پاکستان کی پہلی” ہنر مند“ نمائش کا انعقاد قونصل جنرل آف پاکستان ٹورنٹو کینیڈا میں عیدمیلے کے موقع پر کیا گیا
Advertisement
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
رحمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي
ڪرڪيٽ مقابلا
عمرڪوٽ
Advertisement
0 تبصرے