محب علي اليون پاران محمد لقمان ڪاڇيلو 60 شهباز 52 رنسون ٺاهي فائنل جو ڪپ المحب علي اليون پنهنجي نالي ڪري ڇڏيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گوندر برادر پاران گڏاپ جي ٿڌو ۾ جاري ﷲ بچايو مرحوم ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي چيمپئين ٽرافي محب علي اليون پنھنجي نالي ڪري ورتي، گذريل ٻن مهينن کان جاري ٽورنامينٽ جو فائنل ميچ اليعقوب ڪرڪيٽ ڪلب ۽ محب علي اليون جي درميان کيڏيو ويو، محب علي اليون جي ڪپتان ٽاس کٽي فلٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن ۾ پهرين بيٽنگ ڪندي اليعقوب ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽسمينن منصور ۽ شعيب بهترين بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ المحب علي اليون کي 135 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جيڪو محب علي اليون جي بھترين بيسٽ مين محمد لقمان ڪاڇيلو 60 شهباز 52 رنسون بڻائي فائنل جو ڪپ المحب علي اليون جي نالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ميچ جو مين آف دي ميچ محمد لقمان رهيو تقريب جي موقعي تي آيل مهمانن حاجي محمد الياس برفت، رئيس محمد يوسف برفت، حاجي منظور برفت امير گل برفت، غلام علي جوکيو عبدالواحد جوکیو میرجان برفت ابراهيم جوکیو ۽ ٻيا هئا آيل مهمانن فاتح ٽيم ۽ بهترين راند جو مظاهرو ڪندڙ نوجوانن کي ٽرافيون ۽ ڪيش انعام ڏنا، تقريب جي موقعي تي خطاب ڪندي حاجي محمد الياس چيو ته راندين جا ميدان آباد ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ملير جا نوجوان راندين سميت ڪنهن به شعبي ۾ پويان نه آهن بدقسمتي سان ملير ۾ ڪرڪيٽ کي سرڪاري سطح تي ڪا به مالڪي نه پئي ڪئي وڃي جنهن سان نوجوانن ۾ مايوسي جي لهر ڇانيل آهي، اسان پنهنجي وس آهر نوجوانن جي حوصلا افزائي ڪرڻ لاءِ ميدان تي موجود آهيون سندن هر ممڪن مدد ڪئي ويندي، محمد يوسف خطاب ڪندي چيو ته المحب علي جي رانديگرن بهترين راند جو مظاهرو ڪندي شاندار فتح حاصل ڪئي آهي، نوجوان مايوس نه ٿين پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن اسان ساڻن هر موڙ تي گڏ آهيون راندين جي ميدانن کي آباد رکي اسان نوجوان نسل کي منشيات سميت ٻين سماجي براين کان روڪي سگهون ٿا، احمد گوندر پنهنجي خطاب ۾ بهترين ڪارڪردگي ڪندڙن کي شاباس ڏيندي چيو ته تمام گهڻي خوشي ٿي راندين سان محبت ٻڌي جو سبق ملي ٿي ڪنهن مفسر جو چوڻ آهي ته جتي راندين جا گرائونڊ آباد هجن اتي اسپتالون غير آباد ٿي وينديون آهن،
0 تبصرے