اڄ جو ڏينھن پاڪستان جي تاريخ جو اھم ترين ڏينھن آھي، اڄ جي ڏينھن ھڪ ٻيو سچ عوام جي سامھون آيو آھي: سنڌ جي سينئر وزير
ڪراچي: سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ اڄ جو ڏينھن پاڪستان جي تاريخ جو اھم ترين ڏينھن آھي، اڄ جي ڏينھن ھڪ ٻيو سچ عوام جي سامھون آيو آھي، ھڪ شخص ورھين کان سچائي ۽ ايمانداري جو ويس اوڍي عوام جي اکين ۾ مٽي وجھي رھيو ھو، سندس چھري تان سچائي ۽ ايمانداري جو نقاب آھستي آھستي لھندو پيو وڃي، عمران خان پنھنجن سمورن مخالفن کي چور ۽ ڌاڙيل ڪوٺي بيانيو جوڙيندو رھيو، اھا ڳالھ ھاڻي عوام جي سامھون اچي وئي آھي تھ ھي شخص ڪوڙو ۽ دوکيباز آھي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ 126 ڏينھن جو ڌرڻو رياست کي بليڪ ميل ڪرڻ ھو، ھن شخص کي پاڪستان سان عوام سان ڪوبھ لڳاءُ ڪونھي، پي ٽي آءِ اڄ بھ فرد واحد جي رليف لاءِ رياست جي خلاف جنگ وڙھي رھي آھي.
ھن چيو تھ عمران خان ۽ سندس زال کي جيڪا سزا ٻڌائي وئي آھي، ھي اھي ئي شيون آھن جن جي چونڊ عمران خان پاڻ ڪئي ھُئي، عمران خان مخالفن کي نيب جي ذريعي گرفتار ڪرايو، نشانو بڻايو، ڪنھن ٽي وي پروگرام ۾ ڪوبھ عمران خان جي خلاف ڳالھائيندو ھو تھ ٻئي ڏينھن اُن کي نيب جو نوٽيس اچي ويندو ھو.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ عمران خان پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت صدر آصف علي زرداري، محترمھ فريال ٽالپورکي جيل ۾ بند ڪيو، مسلم ليگ ن جي قيادت کي جيل ۾ بند ڪيو ويو، عمران جو منصوبو نيب جي ذريعي ملڪ تي حاڪميت قائم ڪرڻ ھو، اڄ عمرامن خان کي پنھنجن غلط ڪمن جون سزائون ملي رھيون آھن، عمران خان ڪارپوريٽ ڪرمنل ھو، ھن توشھ خانھ مان گھڙيون چوري ڪري وڪرو ڪيون.
ھن چيو تھ عمران خان جي حڪومت وئي تھ سڀني کان پھرين بني گالا ۾ ويھي بدليون ڪرائيندڙ فرح گوگي کي ملڪ کان فرار ڪرايو ويو، عمران خان وضاحتون پيش ڪندو رھيو تھ فرح گوگي جو ڪو تعلق ناھي.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ اڄ عمران خان کي 14 ورھين جي قيد جي سزا ٿي آھي، ڪو ھڪ شخص احتجاج لاءِ ناھي نڪتو، معمولي گرفتاري تي 9 مئي تي پوري ملڪ کي باھھ لڳائي وئي، ادارن تي حملا ڪيا ويا، سزا کي چار پنج ڪلاڪ ٿي چُڪا آھن، اڄ اھي جيڪي گريبان ڦاڙي ڳالھيون ڪرڻ واري ڪيڏانھن ويا، اڄ کين ھدايتون ڏيڻ وارو پاڻ جيل ۾ آھي، اُن لاءِ ڪو احتجاج نھ ٿيو.
ھن چيو تھ 2018 کان پي ٽي آءِ جو باني رياست خلاف جنگ وڙھي رھيو آھي، ھنن جي جنگ رياست سان آھي، اوھان چور آھيو، عوام کي وڌيڪ بيوقوف بڻائي نھ ٿا سگھو، ڪيس اوھان جي خلاف وڏي چارج شيٽ آھن.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ڇا پي ٽي آءِ جا ليڊر فرح گوگي، مالم جبھ، ۽ ڪي پي ڪي بي آر ٽي ڪيس جو دفاع ڪري سگھن ٿا؟ عوام کي اکيون کولڻ گھرجن، عوام جي سامھون ايمانداري جو ڍونگ وڌيڪ نھ ٿو ھلي سگھي، پي ٽي آءِ جي پوري ڪوشش آھي تھ عمران خان کي جيل کان ٻاھر ڪڍيو وڃي.
ھڪ سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پاڪستان جو عدالتون پاڪستان جي قانون مجب ھلنديون، ڪوبھ ٽرمپ ڪارڊ نھ ھلندو.
0 تبصرے