صوبائي صدر ڊاڪٽر علامه اسد اقبال زيدي جو ڀرپور استقبال ڪيو ويو
نوشھرو فيروز(ڊ ر) شيعه علماء ڪائونسل پاڪستان. نوشهروفيروز. جعفريه ڪائونسل جو اجلاس. تعلقو نوشهروفيروز طرفان منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ صوبائي صدر ڊاڪٽر علامه اسد اقبال زيدي جو ڀرپور استقبال ڪيو ويو. جلسا گاھ مھران ٽائون رکيو ويو جنهن جي اڳواڻي ضلعي صدر سيد زاھد علي شاه.جنرل سيڪريٽري مولانا امجد علي جعفري ۽ سينيئر رهنما زوار جميل جتوئي ۽ تعلقه صدر مولانا حب علي حيدر ۽ تعلقه جنرل سيڪريٽري سيد ميرل شاھ جي اڳوڻي پروگرام ڪيو. جنھن ۾ پوري تعلقي جي يونٽن پڻ شرڪت ڪئي ئي. ان کان علاوه ڊويزن جي صدر شهيد بينظير آباد مولانا تاج علي انقلابي. ۽ صوبائي رهنما زوار دوست علي ونگاڻي جي به شرڪت. صوبائي صدر علامه ڊاڪٽر اسد اقبال زيدي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان حڪومت پوري ملڪ امن امان جي صورتحال تي ڪوبه ڪنٽرول نه ڪري سگهي آهي. ۽نه مهانگائي تي ڪنٽرول نه ڪيو آهي. ان کان علاوه پاراچنار۾ انساني جانيون ضايع ٿيون آهن معصوم ٻارڙن سميت اديات۽ کاڌ خوراڪ سبب اموات ۾ اظافو ٿي رهيو آهي. ان سڄي سانحي جي ذميواري صوبائي حڪومت خيبرپختونخواه ۽وفاقي حڪومت جي ناڪامي آهي. اسان حڪومت پاڪستان کان مطالبو ٿا ڪريون ته ته وطن عزيز ۾ هر هڪ فرقه ۽ مسلڪ کي آئيني حقوق حاصل آهي. ماڻهن جي جان مال ملڪيت جي ذميواري رياست جي آهي. علامه صاحب اهو به چيو ته عوام شهداء سيوهڻ جي جلسي ورسي جي ڀرپور شرڪت ڪئي وڄي پوري سنڌ جا ڪارڪن اڳئين مهيني ڀرپور شرڪت ڪن.
0 تبصرے