عمرڪوٽ: سنڌ ۾ غيرقانوني ٽول پلازئن ۽ زمين جي وڪري کي رد ڪريون ٿا: جي يو آءِ اڳواڻ

عمرڪوٽ ۾ جي يو آءِ جو ورڪرز تربيتي ڪنوينشن منعقد, مولانا غلام محمد سومرو، عبدالرزاق لاکو خاص طور شريڪ ٿيا

عمرڪوٽ: سنڌ ۾ غيرقانوني ٽول پلازئن ۽ زمين جي وڪري کي رد ڪريون ٿا: جي يو آءِ اڳواڻ

عمرڪوٽ (ڊ ر) جي يو آئي ضلعي عمرڪوٽ جي طوفان ورڪرزتربیتی کنونشن ٿي گذري. جنهن ۾ مهمان خاص شيخ الحدیث مولانا غلام محمد سومروءمرکزی سالار انجنيئر عبدالرزاق عابد لاکو شريڪ ٿيا .جي يو آئي اڳواڻن مولانا نور محمد قرآني مولانا محمد يعقوب نعماني مفتي همادالله مولانا ميان خان قاري رمضان مولانا عبد الرشيد مولانا صابر علي خطاب ڪندي چيو ته جماعت کي نظم وضبط سان هلڻ جي هدايت ڪئي سند گورنمنٹ کان مطالبو ٿا ڪريون ته هو سنڌ ۾ غير قانوني ٽول پلازه ٺاهڻ بند ڪري ء عمرڪوٽ ميرپوخاص روڊ تي ٽول ٽڪس فورن ڪم بند ڪرائي وڃي بي صورت ۾ جمعيت علماء اسلام ڀرپور احتجاج تحريڪ ھلائي ويندي جنهن ۾ عمرڪوٽ ضلعي ۽ ميرپورخاص ضلعي جي عوام اسان سان گڏ ھوندي . ٿر جي زمينن کي وڪرو ڪري ڪپني حوالي ڪرڻ جي سخت لفظن م مذمت ڪيون ٿا .سنڌو دريا اسانجی جياپي جو واحد ذريعو آهي ان مان نوان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ دشمني آهي جيڪا سنڌ جو عوام ڪڏهن به قبول نه ڪندي.