سنڌو درياءَ تي هڪ ڪينال به ٺاهڻ جي اجازت نه ڏينداسين، تڪراري منصوبن کي سنڌ جي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي
سجاول (رپورٽر) جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي صوبائي جنرل سيڪريٽري علامه راشد خالد محمود سومرو چيو ته جمعيت علماءِ اسلام سڀ کان پهرين تعمير ٿيندڙ ڪينالن جي مخالفت ڪئي هئي. سنڌو درياءَ تي هڪ ڪينال به ٺاهڻ جي اجازت نه ڏينداسين.جي يو آئي جي ميزباني ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس منعقد ڪئي هئي جنهن ۾ سنڌ جي حڪمران پارٽي کان لکت ذريعي دستخط حاصل ڪيا آهن ته سنڌ دشمن ڪو به منصوبو قبول نه ڪيو ويندو ۽ اسان جي سڀني پارٽين جدوجهد ڪئي آهي ۽ گڏيل طور تي نئين ڪينال منصوبي تي متفق طور تي رد ڪيو آهي. هن چيو ته جيئن ڪالاباغ ڊيم ماضي ۾ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن کي عالمن شرعي طور تي فتوي ڏئر رد ڪيو انشاءالله هن منصوبي به ناڪام بڻائينداسين . هن سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ سون جي ذخيرن بابت ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن اهو سنڌ جي حدن مان نڪري ها ته وڌيڪ خوشي جي ڳاله هجي ها.پر هي ٻاهران نڪتو آهي ٻئي صوبي جي حد مان نڪتو آهي. پر پوء به اسان چاهيون ٿا ته اسان کي ان تي نظر وجهڻ گهرجي.اسان کي سڄي درياء جو معائنو ڪرڻ گهرجي. الله پاڪستان کي ڪيترين ئي نعمتن سان نوازيو آهي. اسان جي ڪارونجهر کي ڏسو. اتي گرين نائيٽ پٿر کي ڏسو. اتي چائنا ڪلي کي ڏسو. ڏسو. ٿر مان نڪرندڙ ڪوئلي تي نظر ڪريو . ڏسو ته پاڪستان ۾ ڪهڙيون نعمتون نه آهن، پر انهن نعمتن جي باوجود، غريب اڃا تائين عزت سان ٻه وقت جي ماني حاصل ڪرڻ لاءِ پريشان آهن. هن چيو ته اهي شيون ماڻهن جي ڀلائي ۽ روزگار لاء خرچ ڪرڻ گهرجن پر بدقسمتي سان، 78 سالن کان اهو خرچ حڪمران پنهنجي پاڻ تي ڪن پيا.جيڪڏهن جيڪڏهن هڪ ٽريلين ڪلو سون ڪڍيو وڃي ته مونکي نٿو لڳي ٿو ته ڪنهن غريب کي فائدو ٿيندو. مون کي لڳي ٿو ته پاڪستان ۾ قيادت کي تبديل ڪرڻو پوندو جنهن لاٻ جي يو آئي ڪم ڪري رهي آهي. جي يو آئي اها متبادل قيادت آهي جيڪا پاڪستان کي انهن مشڪلاتن مان ڪڍي عوام جي حقيقي مدد ڪندي ۽ عوام کي انهن جا حق انهن جي گهرن تائين پهچائيندي. هن وڌيڪ چيو ته مدرسن کي رجسٽريشن جو بل منظور ٿي ويو آهي ۽ اهو هاڻي قانون بڻجي چڪو آهي. صوبن کي پنهنجن صوبن ۾ قانون لاڳو ڪرڻو پوندو.وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ کي درخواست ڪندس ته اهي هن حوالي سان عملي قدم کڻن ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ ان بل کي پاس ڪرائن ته جيئن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان مدرسن جي حوالي سان منظور ڪيل ايڪٽ تي عمل درآمد ڪيو وڃي. جيڪڏهن اهو بل صوبائي اسيمبلي مان پاس نه ڪرايو ويو ته ناانصافي هوندي.اميد ٿو ڪريان ته جلد کان جلد سنڌ اسيمبلي مدرسن جي قانون واري بل کي منظور ڪرايو ويندو .
0 تبصرے