حيدرآباد واسڻ ناري ۽ نوشهروفيروز واسي پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو

مجاهد سان مڱڻي ٿيل هئي، ان باوجود مائٽن پوڙهي شخص سان پرڻائڻ جي ڪوشش ڪئي: ناري

حيدرآباد واسڻ ناري ۽ نوشهروفيروز واسي پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو

نوشهروفيروز (ڊر)جسٽس آف پيس نوشهرو فيروز جي عدالت ۾ حيدرآباد جي رهواسڻ پريمڪا مسمات صفيا کوسو نوشهري جي رهواسي مجاهد کوسو سان پيار جو پرڻو ڪري ورتو، حيدرآباد جي ڳوٺ ڇٽو خان کوسو جي رهواسڻ مسمات صفيا کوسو نوشهرو فيروز لڳ ڳوٺ ڪيچي کوسو جي رهواسي مجاهد کوسو سان نوشھرو فيروز جي جسٽس آف پيس جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪرڻ بعد پريس ڪلب نوشهرو فيروز ۾ مسمات صفيا کوسو ڳالهائيندي چيو مون منهنجا مائٽ پيسن عيوض ڪنهن پوڙهي ماڻهون سان پرڻائڻ پيا چاهين جڏهن ته منهنجي مڱڻي نوشهرو فيروز جي رهواسي مجاهد کوسو ٿيل هئي ان ڪري مون پنهنجي رضا خوشي سان ٻن ڪپڙن ۾ نوشهرو فيروز جي عدالت ۾ شريعت محمدي مطابق نڪاح ڪيو ان ڪري منهنجا مائٽ علي گل کوسو، سڪندڙ کوسو، صيفل کوسو جان جا ويري بڻجي ويا آھن ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ سان گڏ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن ان سبب اسان دربدري واري زندگي گذاري رهيا آھيون ان لاءِ اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي جيئن اسان سڪون واري زندگي گذاري سگهئو.