سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي پاران سجاول جي ضلعي چيئرمين ۽ ٻين کي نوٽيس جاري

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي پاران سجاول جي ضلعي چيئرمين ۽ ٻين کي نوٽيس جاري

سجاول (رپورٽر) تعلقي جاتي جي رھواسي عبدالغني هنڱورجو جي پٽيشن تي سنڌ ھاء ڪورٽ ڪراچي سجاول جي ضلعي چيئرمين دانش ملڪاڻي سندس چاچي امير بخش ملڪاڻي ۽ سئوٽ واحد بخش ملڪاڻي سميت 6 ڄڻن خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين اڄ 8 جنوري تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آھي جاتي جي رهواسي عبدالغني هنڱورجو پاران هاء ڪورٽ ڪراچي ۾ ضلعي چيئرمين دانش ملڪاڻي سندس چاچي ۽ سئوٽ ۽ سندن حامي ملاح برادري جي نامزد ڪيل امير بخش ملاح .ايوب ملاح. رمضان ملاح .محمد عرف کٽي ملاح. زمان ملاح .۽ اشرف ملاح خلاف کيس حراسان ڪري سندس زمين تي مبينا قبضي ۽ کيس موتمار ڌمڪين بابت آئيني پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آھي ,سنڌ ھاء ڪورٽ آئين جي آرٽيڪل 199 تحت داخل ڪرايل پٽيشن کي ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي 8 جنوري تي اربع ڏينهن ڌرين کي پيش ٿيڻ لاء نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن ,عبدالغني هنڱورجو جي آئيني پٽيشن تي سنڌ ھاء ڪورٽ سجاول جي ضلعي ڪائونسل چيئرمين دانش ملڪاڻي سندس چاچي اميربخش ملڪاڻي ۽ سئوٽ واحد بخش ملڪاڻي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي روڀرو عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو, ملاح برادري جي ڏوهاري قسم جي ماڻھن تعلقي جاتي جي ديھ وڏيريون ۾ منهنجي زمين تي قبضو ڪري بيٺل فصل ڪٽرائي رهيا آھن ۽ ملڪاڻين جي بڇ تي مذڪوره جوابدار مونکي حراسان ڪري علائقي ۾ رتوڇاڻ ڪرائڻ چاهين ٿا تحفظ ڏياريو وڃي: آئيني پٽيشن ۾ درخواست گذار پاران استدعا..ڪئي وئي آھي