نئين وائرس هيومن ميٽا نيومو جو خوف

سيد غلام مصطفي شاھ

نئين وائرس هيومن ميٽا نيومو جو خوف

دنيا ۾ خوف ۽ حراس ڦهلائيندڙ وائرس ڪرونا کانپوءِ اگر ڪو وائرس ظاهر ٿئي ٿو تہ سوشل ميڊيا پليٽ فارمس تي انکي وڌائي چڙهائي هڪ قسم جو خوف ۽ حراس ڦهلائي عوام کي گمراهہ پڻ ڪيو پيو وڃي جنهنڪري ماڻهو خوف ۽ پريشاني ۾ مبتلا ٿيو وڃن، اڪثر سوشل ميڊيا پليٽ فارمس تي ڪووڊ واري وقت جون وڊيو ۽ تصويرون وائرل ڪيون پيون وڃن. چين ملڪ کان شروع ٿيندڙ ان وائرس جو پورو نالو هيومن ميٽا نيومو وائرس آهي جنهنکي ڊاڪٽر پنهنجي زبان ۾ HMPV وائرس سڏين ٿا.

جيتوڻيڪ هي وائرس پراڻو آهي ۽ هن وائرس جي سڃاڻپ پهريون دفعو 2001ع ۾ دريافت ٿي پر چين جي ڏاکڻن علائقن ۾ هاڻي ان وائرس جي وڌڻ ڪري وري ان وائرس جون ڳالهيون عام ٿي ويون هن وائرس جا جيڪي مريض رپوٽ ٿيا آهن سندن عمريون چوڏهن سال يا ان کان بہ گهٽ آهن. هي وائرس اڪثر ٻارن، پوڙهن ۽ گهٽ مدافعت رکندڙ ماڻھن کي متاثر ڪري ٿو.

هن وائرس جي ڪري ڳلي ۾ سور، زڪام، بخار ۽ نڇون اچڻ معمول آهي، هي وائرس لڳڻ کانپوءِ مريض ۾ نمونيا ٿيڻ جو خطرو وڌي وڃي ٿو ۽ اڪثر ٻارن ۾ نمونيا ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ ٿين ٿا. هي وائرس نڇ ڏيڻ ڪري ڪافي ڦهلجي ٿو. هن وائرس جي تصديق لاءِ ليبارٽري ٽيسٽ ۾ خبر پئجي وڃي ٿي. هن وائرس جي في الحال تہ ڪا بہ ويڪسين موجود نہ آهي اگر علامت ظاهر ٿئي تہ مريض کي بخار گهٽ ڪندڙ جو استعمال ڪرائجي هن وائرس جو زور ٽي کان چار ڏينهن تائين هلي ٿو.

قومي اداري صحت پاڪستان جي مطابق ايڇ ايم پي وي جي پاڪستان ۾ پهريون دفعو تشخيص 2001ع ۾ ٿي هئي، 2015ع ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) اسلام آباد ۾ هن وائرس جا ايڪيھ ڪيس سامھون آيا هئا.ڪجھ مهينا پهريان بہ ايم پاڪس جي نالي سان هڪ وائرس ظاهر ٿيو هو جنهن ڪري ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن طرفان دنيا جي ڪافي ملڪن ۾ ميڊيڪل ايمرجنسي لڳائي وئي هئي، ان وقت بہ پاڪستان گورنمينٽ طرفان بهتر قدم کنيا جنهنڪري ان تي پاڪستان مڪمل قابو پائي ورتو هو،

واضع رهي تہ ايم پاڪس جا بہ ڪجھ ڪيس پاڪستان ۾ ظاهر ٿيا هئا. چين جي وزارت خارجہ جي ترجمان مائوننگ جو چوڻ هو تہ سياري ۾ اها وبا سرديءَ جي ڪري ڦهلجي ٿي جنهن ڪري نزلي، زڪام جا ڪيس وڌيڪ ٿين ٿا جنهن ڪري اها وبا ڦهلجي ٿي سندس چوڻ هو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ اهي ڪيس بلڪل نہ جي برابر آهن. هن پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ وڌيڪ چيو تہ سياح جيڪي چين اچن ٿا انهن کي ڪنهن به قسم جو خوف خطرو نہ آهي ايئرپورٽن تي چيڪ اپ وغيره کانپوءِ ئي ڪليئر ڪري مسافرن کي پنهنجي منزل ڏانهن روانو ڪيو پيو وڃي.

چين جي سرڪاري نشرياتي اداري پاران حڪومت جي نمائندي جي پريس ڪانفرنس نشر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ هن جو چوڻ هو تہ هيومن ميٽا نيومو وائرس لڳڻ ڪري نمونيا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي کين علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. سندس وڌيڪ اهو به چوڻ هو ته ان وائرس جي ويڪسين جي دريافت جاري آهي ۽ تمام ٿوري وقت ۾ ئي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي تہ اهو وائرس اهڙو ڪو خطري وارو نہ آهي اگر ايئن هجي هان تہ يقينن عالمي اداري صحت طرفان ايمرجنسي لڳائي وڃي ها پر اهڙي ڪنهن به ڳالھ جا امڪان وقتي طور تي موجود آهن.