عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر)ڍورونارو پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني چيئرمين قائد جھموريت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 97 هين جنم جو ڪيڪ ڪٽڻ لاءِ پيپلز يوٿ ضلع عمرڪوٽ انفارميشن سيڪريٽري ڪامريڊ نندلال ميگھواڙ پاران ڍورونارو ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ پيپلزپارٽي ضلع عمرڪوٽ اڳواڻ ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ وائيس چيئرمين ميان خالد ولھاري خصوصي شرڪت ڪئي، تقريب دوران ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ وائيس چيئرمين ميان خالد ولھاري ڳالهائيندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪڙو شخص جو نه پر هڪڙي نظريئي جو نالو آهي شخص مري ويندا آهن پر نظريا زنده رهندا آهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي جان جي قرباني ڏئي ملڪ ۾ جمهوريت مضبوط ڪري ويو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪنهن جابر آمر آڏو جھڪڻ بجائي پنهنجي جان جي قرباني ڏئي حق تي بيهڻ جدوجهد ڪرڻ سيکاري ويو پاڪستان ۾ جيڪا به ترقي ٿي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ ٿي ۾ ڀٽو اڄ به عام ماڻهو جي دلن ۾ زنده آهي هميشه زنده رهندو، تقريب دوران ميان خالد ولھاري، ڪامريڊ نندلال ميگھواڙ، وائيس چيئرمين ڍورونارو ٽائون ھاٿي رام ميگھواڙ، گھنشام شيام، ميان عبدالڪريم ولھاري، ڪامريڊ ابراهيم نھڙي، سومار ڀيل، راڻا افضل راجپوت، اللھبچايو ملاح،ڊاڪٽر جلال ڀيل،راڻو مل مالھي، دليپ درزي، جيالو پپو راجپوت سميت ٻين ڪارڪنن ورڪرن شرڪت ڪئي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي97 هين جنم ڏينهن جو ڪيڪ ڪٽيو.
0 تبصرے