ٽنڊو آدم (حسنين عاشق ساند) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد فوجي موڙ اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪار ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، 5 ڄڻا زخمي. تفصيل موجب ٽنڊوآدم جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد فوجي موڙ وٽ ڪار ۽ ٽرڪ جي ٽڪر جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار ٽن عورتن سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور ٽرڪ سميت فرار ٿي ويو. زخمين جي سڃاڻپ جهانگير مري، ڪامران مري، وحيده، صدوري، ۽ سڪينه طور ٿي آهي. پوليس زخمين کي ترت تعلقه اسپتال ٽنڊو آدم منتقل ڪيو جتي زخمي ڪامران مري جي حالت نازڪ هجڻ سبب کيس وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد روانو ڪيو ويو. حادثي جو شڪار ڪٽنب حمل مري جو رهواسي آهي. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪندي فرار ٿيل ٽرڪ ڊرائيور جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. خبر فائل ٿيڻ تائين حادثي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو نه ئي ٽرڪ ڊرائيور گرفتار ٿي سگھيو هو.
0 تبصرے