گلشن حديد ۾ اسٽيل مل انتظاميه خلاف نمازين جو احتجاج، پاڻي بند ڪرڻ جو الزام

گلشن حديد ۾ اسٽيل مل انتظاميه خلاف نمازين جو احتجاج، پاڻي بند ڪرڻ جو الزام

ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) اسٽيل مل انتظاميا طرفان گلشن حديد جو پاڻي بند ڪرڻ خلاف جمعي نماز کانپوء مسجدن ٻاھران نمازين جا احتجاجي مظاھرا، انتظاميا خلاف نعرا، پٽون ۽ پاراتا، پاڻي بند ڪري گلشن حديد کي ڪربلا بڻايو ويو آھي چونڊيل نمائندا به انتظاميا جي ڌر بڻيل آھن فوري طور پاڻي بحال ڪيو وڃي مظاھرين جو مطالبو تفصيل موجب اسٽيل مل انتظاميا طرفان گلشن حديد جو پاڻي بند ڪرڻ خلاف علائقي واسين جمعي جي نماز کانپوء مختلف مسجدن حديبيا باب رحمت ۽ ٻين مسجدن ٻاھران مظاھرا ڪيا مظاھرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا ۽ هو اسٽيل مل انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪندي کين پٽون ۽ پاراتا ڏيئي رهيا هئا رهواسي جو چوڻ هو ته اسٽيل مل انتظاميا پاڻي بند ڪري گلشن حديد کي ڪربلا بڻايو ڇڏيو آھي چونڊيل نمائندا به انتظاميا جي ڌر بڻيل آھن هنن چيو ته بنا ڪنهن سبب جي پاڻي بند ڪري يزيدي روايت کي ورجايو ويو آھي پورو علائقو مسئلن جي ور چڙھي ويو آھي سيوريج نظام تباه رستا ٽٽي ويا آهن هنن مطالبو ڪيو ته پا فوري طور پاڻي بحال ڪري گلشن حديد جا مسئلا حل ڪيا وڃن