اجلاس ۾ حاجي مظفر علي خان لغاري، محمد بچل لغاري، علي محمد گرماڻي، محمد عمر ميمڻ ۽ ٻين جي شرڪت
سجاول (رپورٽر) سجاول ۾پاڪستان ورڪرس فيڊريشن سنڌ آل گورنمنٽ ملازم اتحاد ضلع سجاول پاران هيٺين درجي جي سرڪاري ملازمن جي حقن ۽ جائز مسئلن جي حل لاءِ اجلاس ڪوٺايو ويو. جنهن ۾ سنڌ آل گورنمينٽ ملازم اتحاد ترجمان مختيار دايو، پاڪستان ورڪر فيڊريشن سندھ جي وائس چيئرمين ۽ آل گورنمنٽ ملازم اتحاد ضلعي سجاول جي چيف آرگنائيزر حاجي مظفر علي خان لغاري، ضلعي جي آرگنائيزرس محمد بچل لغاري , علي محمد گرماڻي , محمد عمر ميمڻ, ڪي بي جت, محمد عالم ميمڻ , محبت علي لغاري حاجي خميسو خواجه, گل محمد ,لغاري , فياض حسين شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته مزڪوره پليٽ فام تان سنڌ اندر تمام وفاقي ۽ ٻين ادارن پاران مختلف نوٽيفڪيشن جاري ڪندي انهن جي جائز حقن کي ختم ڪيو پيو وڃي جيڪا سراسر نا انصافي آهي حڪومت هوندي به هن وقت ملازم تمام گهڻا پريشان آهن هنن چيو ته ليو انڪيشمنت ۽ ايل پي آر جي ڪاري قانون کي واپس ڪندي نوان ٺهيل پينشن رولز واپس ڪيا وڃن ۽ انهن جي ادائگي آن لائين ڪئي وڃي ۽ فوتي ڪوٽا بحال ڪئي وڃي، اهو حق رول نمبر 11 A شهيد ڀٽو جو 1974 ۾ منظور ڪيل آهي. ان تي عمل ڪيو وڃي. هنن چيوته سنڌ جي هر يونيورسٽي اندر گريڊ 01 کان گريڊ 16 جي ملازمن لا سينڊيڪيٽ ۾ نمائندگي رکي وڃي ۽ گهٽ پگهاردار ملازمن ۽ پورهيتن جي ٻارن جي اعلىٰ تعليم مفت لولڪل گورنمينٽ جی ملازمن کي پڻ ٻين کاتن وانگر مڪمل مراعتون، ملازمن جا پگهار آن لائين سسٽم، ملازم کي رٽائيرڊ سن ڪوٽا، سن فوتي ڪوٽا ملازمن جا بينيفٽ يونيفام اختيارين جو غلط استعمال ڪندڙ وائيس چانسلرن خلاف قانوني ڪاروائي، ايندژ سال بجيٽ ۾ سڀني ملازمن جي پگهارون ۾ برابري جواضافو، سرڪاري ملازمن کي هيلٿ ڪارڊ، ۽ اي او بي آئي ۾ رجسٽرڊ، ڪري سڀني مزدورن، محنت ڪش ۽ گهريلو ملازمن جو مفت علاج ۽ سهولتون، بيروزگار نوجوانن کي بيروزگار الائونس، تمام سرڪاري ادارن ۾ ڊيلي ويجز ملازمن سوشل سيڪيورٽي اي او بي آئي تحت رجسٽرڊ، مزدرون بٺه مزدورن گهريلو ملازمن، کجور منڊي ملازمن۽ مختلف پرائيويٽ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرن جي 37500 پگهار جي ادائگي، سنڌ جي تمام ادارن ۾ ڪانٽريڪٽ ۽ ڊيلي ويجز ملازمن ورڪرن کي ريگيولر، گريڊ 01 کان گريڊ 04 جون نوڪريون، رٽائيرڊ ملازمن جي اولادن کي ٽائيم اسڪيل، سب انجنئرز جو پوروموشن نويفڪيشن مطابق 10 سال کان پوءِ 16 اسڪيل ڏئي ۽ 15 سالن کان پوءِ 17 اسڪيل، سمورن ملازمن جي پروموشن پاليسي نئين سر جوڙي ڊي پي سي جي لاءِ ٽائيم مقرر، هيڊ ماسٽر جو الائونس گهٽ ۾ گهٽ 10 هزار سنڌ گورنمينٽ نوجوانن جي نوڪرين جي لا 28 سالن وارو نوٽيفڪيشن واپس ڪري عمر جي حد گهٽ ۾ گهٽ 35 سال، هيلٿ فروفيشنل الائونس 50%، ٽيڪنيڪل پيرا ميڊيڪل سروس اسٽرڪچر سميت مظلوم مزدورن جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ سنڌ جي سڀني ملازمن ۽ پورهيتن طرفان پنهنجي حقن لاءِ پاڪستان ورڪرس فيدريشن سنڌ ريجن جي پليت فام تان پوري سنڌ اندر احتجاجي تحريڪ جي شروعات ڪئي ويندي.
0 تبصرے