مجلس وحدت المسلمين جي وفد جي مولانا علامه مقصود علي ڊومڪي جي اڳواڻي ۾ اياز لطيف پليجي سان جي ملاقات
حيدرآباد (بيورو) مجلس وحدت مسلمین پاڪستان جي مرڪزي ۽ سينئير اڳواڻ مولانا علامه مقصود علي ڊومڪي هڪ وفد سان گڏ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان حيدرآباد ۾ سندس لا آفيس تي ملاقات ڪئي. وفد ۾ مجلس وحدت مسلمین جا اڳواڻ سيد وقار حسين زيدي، رابطا سيڪريٽري ديباج حیدر، نشر و اشاعت سيڪريٽري زوار دلدار ڇلگری، تنظيم سازي سيڪريٽري نظام الدين انقلابي ۽ ميڊيا سيڪريٽري سيد مدثر رضوي شامل هئا.جڏهن تہ قومي عوامي تحريڪ جا مرڪزي اڳواڻ الطاف حسين خاصخيلي، شوڪت سريوال، آغا عباس پٺاڻ، مرتضيٰ لاشاري ۽ ٻيا شامل ھئا. ملاقات ۾ سنڌ ۽ ملڪ جي صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي. اياز لطيف پليجي پاراچنار سانحي تي افسوس جو اظھار ڪندي معصوم ماڻھن جي قتل ۾ ملوث دھشتگردن جي گرفتار جو مطالبو ڪيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ عالمي سامراجي طاقتون پاڪستان جي ڊي اسٽيبلائيز ڪرڻ لاء دھشتگردي جا واقعا ڪرائين ٿيون. حڪومت دھشتگردي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آھي. وفاقي حڪومت جي سڄي طاقت مخالفن کي مينيج ڪرڻ تي آھي. ترقي، امن امان ۽ ڪرپشن جو خاتمو ڪنھن جي بہ ايجنڊا تي ناھي. سنڌ ۾ بدترين حڪمراني جي ڪري ماڻھو بدامني، مھانگائي ۽ ڪرپشن جي ڪري ظلم ۽ ناانصافي جو شڪار آھن. علامه مقصود ڊومڪي چيو تہ اتر سنڌ جا ضلعا ڌاڙيلن جي حوالي آھي. ماڻھو اغوا ٿي وڃن ٿا. ڀنگ نہ ملڻ تي قتل ڪيا وڃن ٿا. پوليس عوام بدران ڏوھارين جي محافظ بنيل آھي. مولانا علامه مقصود ڊومڪي چيو تہ ڌاڙيل گردي ۽ بدامني خلاف گڏيل جدوجھد ڪرڻ جي ضرورت آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪومت سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھڻي رھي آھي. چولستان ڪئنال سنڌو درياھ جو رخ تبديل ڪري سنڌ کي رڻ پٽ بنائي ڇڏيندو. درياھ تي ڌاڙا ھڻڻ نہ ڏينداسين.گرين انيشيٽو جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضا بند ڪيا وڃن.
0 تبصرے