ڪالاباغ ڊيم وانگر واهن جا بہ مخالف آھيون، اهڙي ڪا به سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري واضح موقف ڏنو آهي ته سنڌ جي پاڻي جو هڪ ڦُڙو به نه ڏينداسين، ڪالاباغ ڊيم وانگر واهن جا بہ مخالف آھيون، سنڌو درياهه مان نڪرندڙ واهن جو مسئلو جيستائين ڪنهن فورم تي نه ايندو تيستائين ختم نه ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪلري بگهاڙ فيڊر جي دوري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني، ڄام خان شورو، سيد رياض حسين شاهه شيرازي، ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرازي، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ، ڊي آءِ جي طارق رزاق ڌاريجو، ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو، ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد عمران خان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ ترقي جو سفر جاري آهي ۽ جاري رهندو، نئين سال جي حوالي سان عوام کي گذارش آھي ته هر ماڻهو پنهنجي حصي جو ڪم ڪري، سنڌ حڪومت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جي اڳواڻي ۾ ڏينھن رات ڪوششون ڪري رھي آھي. هن چيو ته ڪي بي فيڊر وڇائڻ واري منصوبي سان ڪراچي کي روزانو 7600 ڪيوسڪ مان وڌائي 9800 ڪيوسڪ پاڻي ملندو، سنڌ حڪومت ڪراچي جي پاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، ڪلري بگهاڙ فيڊر اپر سسٽم ۽ ڪينجهر ڍنڍ جي بهتري تي ڪم جاري آهي. ڪي بي فيڊر جي اپر فيز ون جي ڪنارن جي پختگي ۽ لائنن جو ڪم جاري آهي، لائننگ جي پُختگي جو پروجيڪٽ 19 جولاءِ 2023 تي ايڪنگ منظور ڪيو ھو، ڪي بي فيڊر لاءِ 39942.559 ملين رپيا منظور ڪيا ويا، 50 سيڪڙو پاڻي وسيلن واري وزارت ۽ 50 سيڪڙو سنڌ حڪومت خرچ ڪندي، ڪي بي فيڊر جي لائيننگ ذريعي 510 ڪيوسڪ پاڻي بچائي سگهجي ٿو. هن چيو ته ڄاڻايل پاڻي ڪي فور پروجيڪٽ فيز ون جي گهرج پوري ڪري سگهي ٿو، ڪي بي فيڊر جي لائيننگ جي پُختگي وارو منصوبو چئن سالن ۾ مڪمل ٿيندو، ڪلري بگهاڙ فيڊر جي گنجائش وڌائي وئي آهي، اهو وفاق ۽ سنڌ جو گڏيل منصوبو آهي، ھن سال وفاق گهٽ رقم ڏني آهي، ھن سال منصوبي جو 40 سيڪڙو حصو مڪمل ڪيو ويندو جڏهن ته ڪي بي فيڊر جو منصوبو ايندڙ سال مڪمل ڪيو ويندو. صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو منصوبي تي ڪم جي پاڻ نگراني ڪري رھيو آھي، ڪراچي کي پاڻي ملڻ سان ڪنهن به علائقي جو پاڻي گهٽ نه ٿيندو، ڪي بي فيڊر جي لائيننگ سميت ڊرينيج سسٽم به ٺاهيو ويو آهي. هن چيو ته ڪينجهر ڍنڍ جي فلنگ ليول کي آر ايل 53.50 مان 56.00 آر ايل تائين وڌائي ذخيري کي 0.38 مان 0.42 ملين ايڪڙ فوٽ تائين وڌايو ويندو. هن چيو ته آبپاشي کاتو ڪي بي فيڊر ذريعي ڪراچي کي 260 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ڪري سگهندو، 22.734 ڪلوميٽر ڪي بي فيڊر جي لائيننگ پختگي جو ڪم ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. هن چيو ته 6 ڪلوميٽر ڊگھي آر ڊي 0 کان 65 جي لائيننگ پُختگي جي ڪم لاءِ 103 ملين رپيا جاري ٿيڻا آهن جڏهن ته 7.62 ڪلوميٽر ڊگھي آر ڊي 65 کان 130 تائين 1170 ملين رپين جي ڏھ سيڪڙو ادائگي ٿي چڪي آھي، 9.144 ڪلوميٽر ڊگھي آر ڊي 130 کان 189 تائين 1182 ملين رپين جا ڏھ سيڪڙو ادا ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پارا چنار ۾ انساني سانحو ٿي رهيو آهي، ان تي اسان کي افسوس آهي، سنڌ حڪومت گورنر ڪي پي ڪي جي درخواست تي ھلال احمر ذريعي امداد موڪلي آهي. هن چيو ته اسان پرامن ڌرڻن جي ڪنهن به صورت ۾ مخالف ناهيون، ايم ڊبليو ايم سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، ڌرڻا ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڌرڻي وارن کي هڪ جاءِ تي ڌرڻو ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي، 8 هنڌن تان ڌرڻا ختم ڪرايا ويا آھن جڏهن ته چئن هنڌن تي اڃان ڌرڻا جاري آهن، جيڪي ڳالھ ٻولھ يا ايڪشن سان ختم ڪرائينداسين، ڌرڻن خلاف ڪارروائي بہ ٿيندي، ڪجهه ماڻهو ناراض بہ ٿي سگهن ٿا. سيد مراد علي شاهه چيو ته پارا چنار جي مسئلي جو حل بہ اُتي ئي ٿيندو، اسان وٽ نه. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته بي آر ٽي بسن کي سڄي سنڌ ۾ وڌايو وينديو، اڳ ۾ ايس آر ٽي سي ھوندي هئي اڃان به سخت ضرورت آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ملير ايڪسپريس وي جو ايندڙ مرحلو به 2025ع ۾ مڪمل ڪيو ويندو جنھن سان ڪراچي کان ٻاهر ويندڙن جو سفر هڪ ڪلاڪ گهٽجي ويندو. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪي بي فيڊر جي لائيننگ منصوبي جو دورو ڪري ڪراچي لاءِ پاڻي جي منصوبي ڪي بي فيڊر منصوبي تي اهم اڳڀرائي جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙو وڏي وزير کي منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني.
0 تبصرے