وقت جو دستور آهي ته جيئن رات ڏينهن ۾ تبديل ٿيندي رهي ٿي، تيئن هر سال پنهنجي ماضيءَ جا باب بند ڪري نئين خوابن ۽ اميدن سان گڏ ايندڙ سال جو دروازو کولي ٿو. 2024ع به پنهنجي گود ۾ ڪاميابيون، ناڪاميون، تجربا ۽ سبق کڻي الوداع چئي چڪو آهي، جڏهن ته 2025ع هڪ نئين صبح جي شروعات سان اسان جي سامهون بيٺو آهي. هر سال هڪ نئين تاريخ ۽ اميد جو پئغام آهي، جيڪو قوم، سماج، ۽ فردن لاءِ نيون راهون کوليندو آهي.
عالمي سطح تي 2024ع جي صورتحال:
2024ع عالمي سطح تي ڪيترن ئي چئلينجز ۽ تبديليءَ سان ڀرپور رهيو.
سياسي عدم استحڪام، خاص طور تي اوڀر يورپ ۽ وچ اوڀر ۾ جنگي حالتون جاري رهيون. دنيا جي معيشت تي وڏو دٻاءُ رهيو، خاص طور تي وڌندڙ مهانگائيءَ ۽ توانائي بحران جي ڪري ڪيترن ئي ملڪن جي عوام کي مشڪلاتون پيش آيون، ٻي طرف موسمياتي تبديليون عالمي بحران طور سامهون آيون. ڪيترن ئي ملڪن ۾ تيز گرمي، ٻوڏون ۽ قدرتي آفتون انساني زندگين ۽ معيشت کي سخت متاثر ڪيو. ٽيڪنالاجيءَ ۾ اڳڀرائي به هن سال جي خاص ڳالهه رهي، جنهن ۾ مصنوعي ذهانت ۽ خلائي تحقيق ۾ وڏا قدم کنيا ويا.
پاڪستان جي صورتحال ڪيئن رهي؟
پاڪستان لاءِ 2024ع هڪ امتحاني سال رهيو، جتي سياسي ۽ معاشي بحرانن عوام جي ڏکن ۽ اهجن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو. ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاري جي شرح ۾ بي پناهه واڌ باوجود حڪومت طرفان ڪي جوڳا قدم نه کنيا ويا، جنهنڪري عوام لاءِ زندگيءَ جا شرط وڌيڪ سخت رهيا. سماجي شعبي خاص طور تي تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ ڪا به خاص ترقي نظر نه آئي. سياسي عدم استحڪام، پارليامينٽ جي غير فعالي ۽ چونڊن جي معاملي تي تڪرار به ملڪ جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ بڻيا. زراعت جيڪا پاڪستان جي معيشت جو بنيادي شعبو آهي، سخت متاثر ٿي. پاڻيءَ جي کوٽ، موسم جي تبديلي ۽ جديد زرعي ٽيڪنالاجيءَ جي کوٽ سبب هن شعبي ۾ ترقيءَ جي رفتار سست رهي.
سنڌ جي صورتحال:
سنڌ لاءِ 2024ع سخت آزمائش جو سال ثابت ٿيو، جتي تعليم، صحت ۽ سماجي شعبي ۾ اڳڀرائي نه ٿي سگهي. خاص طور تي زراعت، جيڪا سنڌ جي معيشت ۾ اهم حيثيت رکي ٿي، سخت متاثر رهي. پاڻيءَ جي کوٽ، ٻوڏن ۽ ناقص زرعي پاليسين سبب ڪيترائي آبادگار سخت نقصان ۾ رهيا. قدرتي وسيلن جي غلط استعمال ۽ وقتائتي اپائن جي کوٽ زراعت جي تباهيءَ جو سبب بڻيا.
موسمياتي تبديلين سنڌ کي وڌيڪ متاثر ڪيو، جتي گرميءَ جو عذاب، طوفان ۽ مسلسل برساتون وڏو نقصان ڪري ويون. ٻوڏن سبب هزارين ماڻهو بي گهر ٿيا ۽ زرعي زمينون مڪمل طور تي تباهه ٿي ويون. زراعت سان لاڳاپيل مسئلا حڪومت جي نظرانداز ڪرڻ سبب آبادگارن جي حالتن کي وڌيڪ خراب ڪيو.
2025ع اميدون ۽ هدف:
نئون سال اسان لاءِ اميدن ۽ موقعن سان ڀرپور آهي. جنهن کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ قومي سطح تي اثرائتي پاليسين ۽ مسلسل جاکوڙ جي ضرورت آهي. تعليمي شعبو نئين پاليسين ۽ اثرائتي منصوبابنديءَ جو منتظر آهي، خاص طور تي سرڪاري اسڪولن ۾ بهتريءَ جي اشهد ضرورت آهي. نئين سال ۾ صحت جي شعبي ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي ۽ معيار بهتر ڪرڻ لاءِ حڪومت کي عملي قدم کڻڻا پوندا. زراعت ۽ ماحولياتي مسئلن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال سان پيداوار ۾ واڌارو ڪري سگهجي ٿو. پاڻيءَ جي ذخيرن جي تعمير، نئين نهرن جي تعمير، ۽ موسمياتي تبديلين سان لاڳاپيل پاليسيون زراعت کي تباهيءَ کان بچائي سگهن ٿيون. مقامي ۽ عالمي سطح تي سرمايڪاري جا موقعا پيدا ڪرڻ، بيروزگاريءَ کي ختم ڪرڻ ۽ معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻا پوندا.
حاصل مقصد:
2024ع جي تلخ سال کي ياد ڪندي، اسان کي 2025ع ۾ نئين جذبي ۽ عمل سان اڳتي وڌڻو پوندو. جيڪڏهن اسان قومي سطح تي ايمانداري، محنت ۽ اثرائتي حڪمت عمليءَ سان جاکوڙ جاري رکنداسين، ته اهو سال نه رڳو اسان لاءِ، پر ايندڙ نسلن لاءِ به هڪ يادگار باب ثابت ٿي سگهي ٿو. ياد رکو! هر ايندڙ نئون سال اميدن جو نئون افق کولي ٿو، جيڪو صرف عمل سان حاصل ڪري سگهجي ٿو.
0 تبصرے