ٽنڊوآدم ڀرسان دعوت کائي موٽندڙ 2 نوجوان حادثي جو شڪار، هڪ فوت، ٻيو زخمي

سڄِي رات جهنگ ۾ پيل رهياسين، ان ڪري محمد صالح فوت ٿيو، صبح جو ڳوٺاڻن ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو: زخمي علي حسن قمبراڻي

ٽنڊوآدم ڀرسان دعوت کائي موٽندڙ 2 نوجوان حادثي جو شڪار، هڪ فوت، ٻيو زخمي

ٽنڊو آدم(رپورٽر) ٽنڊي آدم ويجهو جھول روڊ تي تيز رفتار موٽر سائيڪل خامن ۾ ڪري پئي هڪ ڄڻو فوت ٻيو زخمي لاش ۽ زخمي نجي اسپتال منتقل، ٽنڊو آدم لڳ جهول روڊ تي ڀوڀر شاخ ڀرسان تيز رفتار موٽر سائيڪل ڪنٽرول مان نڪري وڃڻ سبب خامن ۾ ڪري پئي. جنھن سبب موٽرسائيڪل تي سوار ڳوٺ علي محمد قمبراڻي واسي نوجوان محمد صالح قمبراڻي فوت ٿي ويو جڏھن ته ساڻس گڏ ويٺل علي حسن قمبراڻي معمولي زخمي ٿي پيو. ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي ۽ زخمي مبينا طور واقعي واري ھنڌ خامي ۾ پيل ھئا۔ رستي ويندڙ ڳوٺاڻن کين ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو. پوليس واقعي واري هنڌ پھچي فوتي جو مڙھ ۽ زخمي کي نجي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو۔ چئوٻول ھلندڙ آھن ته ٻئي نشي جي حالت ۾ ٽنڊي آدم کان دعوت کائي واپس پنھنجي ڳوٺ علي محمد قمبراڻي وڃي رھيا ھئا ته اھو واقعو پيش آيو.