عرفان علي عباسي صدر، بخشل سيال نائب صدر، شبير احمد شاهه جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويا
ملير (درياخان شر ) منھنجا مارو ملير جا، سال 2025۽ سال 2026 جون چونڊون ٿي گذريون ۽ سماجي طور متحرڪ ۔ جنھن ۾ صدر عرفان علي عباسي ، نائب صدر بخشل سيال ، جنرل سيڪريٽري سيد شبير احمد شاه ، جوائنٽ سيڪريٽري سجاد علي شاه، خزانچي سجاد علي شيخ ،انفارميشن سيڪريٽري فدا حسين شيخ ، آفيس سيڪريٽري عبدالستار مھر ، ۽ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي ميمبر بنا مقابلي ڪاميابي ماڻي فيض خاصخيلي ،عبدالرسول بلالي ، قاضي منير احمد ، غلام شبير لاکو ، عبدالستار ابڙو ، منظور احمد لولائي . ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن اليڪشن ڪمشنر ڊاڪٽر نظير احمد پنھور جاري ڪري ڇڏيو اليڪشن ڪميشن جي ميمبر آغا شير گل سرڪي ڪاميابي ماڻيندڙن کي مبارڪون ڏيندي خطاب ڪندي چيو ته ھي تنظيم منشور مطابق سماجي ڪمن ۾ اڳڀرائي ڪندي ،جنھن عمل سان علائقي جي بھتري لاء پر اميد آھيون ۽ جيڪا سماجي ڀلائي، انسان دوستي، ۽ ڀائيچاري جي عظيم جذبي جي علامت بڻجي اڀرندي (انشاالله ). ھي تنظيم در حقيقت با شعور دوستن جو ھڪ خواب آھي، جيڪو منھنجا مارو ملير جا سان لاڳاپيل دوست نه رڳو چونڊيل نمائندن سان گڏ عوام جي ضرورتن ۽ اميدن جو بھترين پليٽ فارم پڻ ثابت ٿيندو . ھن تنظيم جو ھر قدم محبت، اخلاص ۽ سنڌ جي روايتي انساني قدرن سان جُڙيل رھندو جيڪا ھر دل ۾ نئين اميد جا ڏيئا ٻاريندي۔ ھي ھڪ سماجي ڀلائي واري تنظيم آھي، جيڪا انساني خدمت، ڀائيچاري، ۽ گڏيل تعاون جي جذبي کي فروغ ڏيڻ لاءِ قائم ڪئي وئي آھي. ، جن جو مقصد سماجي ڀلائي،، ۽ تعليم جي واڌاري لاءِ ڪم ڪرڻ شامل آھي. منھنجا مارو ملير جا، تنظيم عوام ۽ چونڊيل نمائندن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندي، سماجي مسئلن جي حل لاءِ ھڪ مضبوط آواز بڻيل رھندي.
0 تبصرے