English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ گندگي خلاف 6 ڏينھن به احتجاج جاري، هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ پٽيشن داخل
views
|
02nd Jan 2025
•
سنڌي خبرون
شهر ۾ صفائي سٿرائي نه ٿيڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي وئي، 29 جنوري تي ڌريون طلب
نوشهروفيروز (ڊر)نوشهرو فيروز ۾ گندگي خلاف 6 ڏينھن به احتجاج جاري سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ پٽيشن داخل نوٽيس جاري 29 جنوري تي سڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ سميت چيئرمين ۽ ميونسپل آفيسر طلب، شھر جي مختلف علائقن گندگي خلاف مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جو احتجاج، احتجاج جي اڳواڻي اي پي اي اڳواڻ محمد يونس راڄپر، ايم ظفر تڳر، ايس يو پي اڳواڻ خادم سيال، جسقم اڳواڻ فريد لاشاري، اسد عمراڻي، اياز راڄپر، جسم اڳواڻ گل بهار مري، فقير ميهر علي بهڻ، ارشاد عباسي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻ چيو ته نوشهروفيروز جي نااهل انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي لاپرواهي سبب نوشهروفيروز شهر 16 وارڊ گندگي جو ڍير بڻجي ويا آهن سڄو شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويو آھي جنهن سبب شهر جا معصوم ٻار ۽ شاگرد مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن نوشهرو فيروز جا روڊ رستا، مين چوڪ ۽ هيٺائين وارا علائقا، قبرستانن ، اسڪولن ۽ مسجدن سامهون ڊرينيج جو گندو پاڻي بيٺل آھي جنهن ڪري دڪاندارن جو ڪاروابار به ٺپ ٿي ويو آهي هر طرف گندگي جا ڍير لڳا پيا آھن شهر کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيو آهي ميونسپل ڪاميٽي جي 3 ڪروڙ کان وڌيڪ بجيٽ آھي پر اها رقم ڪوڙن ووچر ذريعي هڙپ ڪئي وڃي ٿي صفائي ڪندڙ سوين ملازمن ويزا تي آھن هنن اعلا اختيارين کان مطالبو ڪيو ته شهر جي صفائي ڪرائي ميونسپل چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف مصطفي ميمڻ، ميونسپل آفيسر پاران ڪرپشن جي جاچ ڪئي وڃي، ٻئي طرف شهر ۾ وڌندڙ گندگي ۽ ميونسپل ۾ ٿيندڙ ڪرپشن خلاف پٽيشنر محمد يونس راڄپر سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ، سيڪريٽري پراوينشنل هاءِ وي، ڊپٽي ڪمشنر نوشهرو فيروز، ميونسپل چيئرمين، ميونسپل آفيسر ۽ ٻين کي ڌر ڪندي موقف اختيار ڪيو ته ميونسپل ڪاميٽي ۾ ماهوار 3 ڪروڙ کان بجيٽ آھي ۽ سوين ملازم موجود آھن ان باوجود سڄو شهر گندگي جو ڍير بڻيل آھي عدالت اهڙو موقف ٻڌڻ لاڳاپيل ڌرين کي 29 جنوري تي طلب ڪري ورتو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهروفيروز
هاءِ ڪورٽ سکر
0 تبصرے