ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم پاران مختلف ڳوٺن ۾ تربيتي سيشن منعقد

ايم ڊي ايف پاران خوراڪ ۽ زراعت جي عالمي اداري جي سهڪار سان تربيتي سيشن ڪرايا ويا

ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم پاران مختلف ڳوٺن ۾ تربيتي سيشن منعقد

مٺي (رپورٽر) ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم ايم ڊي ايف پاران خوراڪ ۽ زراعت جي عالمي اداري جي سهڪار سان مختلف ڳوٺن ۾ تربيتي سيشن ڪرايا ويا جنهن ۾ ڳوٺاڻن کي اجتمائي ڪاروبار ڪرڻ جي پڻ سکيا ڏني وئي ۽ گڏيل ڪاروبار ڪرڻ جا فائدا ٻڌايا ويا . اداري پاران ڳوٺاڻن کي شهر جي وڏين مارڪيٽن سان ملائي پنهجي شين جي وڪري ڪرڻ ۽ واپارين سان رابطاڪاري ڪرڻ جي باري ۾ پڻ معلومات ڏني وئي. انهي موقعي تي ڳالهائيندي ايم ڊي ايف جي آفيسرن جو چوڻ هن پروجيڪٽ جو مقصد ماڻھن جي ڪاروباري صلاحيت کي وڌائڻ ۽ انهن کي ملڪ جي مختلف مارڪيٽن سان ڳنڍڻ آھي هنن جو چوڻ اهڙي تربيت سان اهي پنهنجو بهترين ڪاروبار ڪري سگهن ٿا ۽ مارڪيٽ تائين رسائي به ممڪن ٿي سگهي ٿي.