سنڌ، پاڪستان جي دل ۽ دماغ طور سڃاتو وڃي ٿو، اهو صوبو نه صرف پنهنجي تاريخ، ثقافت ۽ وسيلن ۾ مالا مال آهي پر ان جي معاشي ۽ سياسي حيثيت کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌ کي لڳاتار اهڙي استحصال ۽ ناانصافين جي ور چاڙهيو ويو آهي، جنهن سان صوبي جي تاريخي ۽ معاشي سڃاڻپ کي نقصان پهچي رهيو آهي. اهو سوال اڄ به اٿاريو وڃي ٿو ته ڇا سنڌ کي ٻين صوبن ۽ ادارن لاءِ هڪ ڊسٽ بن بڻايو ويو آهي؟ سنڌ جي وسيلن، ماڻهن ۽ ان جي معيشت سان جيڪو رويو اختيار ڪيو ويو آهي، ڇا اهو ڪنهن به جمهوري ۽ فيڊريشن واري نظام جي خلاف نه آهي؟
سنڌ ۾ ٻين صوبن جا مسئلا آڻڻ جو رجحان:
پارا چنار واقعي خلاف ڪراچي ۾ ڌرڻا هڻي شهر کي مڪمل طور تي بند ڪيو ويو. اهڙن ڌرڻن سان سنڌ جي معيشت کي ڪروڙين روپين جو نقصان پهچي ٿو. ڪراچي، جيڪو ملڪ جي معيشت لاءِ ريڙهه جي هڏي سمجهيو وڃي ٿو، ان جي بندش سان مقامي ڪاروبار ۽ عام شهري زندگي مفلوج ٿي وڃي ٿي. سوال هي آهي ته ڇو ٻين صوبن ۽ علائقن جا مسئلا سنڌ تي مڙهيا وڃن ٿا؟ واقعو ڪي پي ڪي جو بند ڪراچي! هي ڪٿان جو انصاف آهي؟ هي ڪو پهريون واقعو ناهي اهڙين زيادتين سان تاريخ ڀري پئي آهي.
سياسي بيحسي/ معاشي نقصان:
ڌرڻا ڪندڙ ڌريون سنڌ جي عوام جي بنيادي حقن ۽ روزمره زندگي کي نظرانداز ڪن ٿيون. اهڙن عملن سان ڪاروبار، صنعت، ۽ روزگار تي سڌو اثر پوي ٿو. ڪراچي ۾ لڳاتار بندش، ڌرڻا، ۽ احتجاج ملڪ جي معيشت کي پٺتي ڌڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هتي جي معيشت جو دارومدار عالمي واپار تي آهي ۽ بندرگاهن جي بندش سان پاڪستان عالمي واپاري ڀائيوارن جي اعتبار کي پڻ وڃائي ٿو.
سنڌ جي وسيلن جو استحصال:
سنڌ ملڪ جي توانائي ضرورتن جو وڏو حصو پورو ڪري ٿو پر ان جا فائدا سنڌ جي عوام تائين نٿا پهچن. سنڌ مان پيدا ٿيندڙ گئس ملڪ جي ٻين صوبن ۽ علائقن کي فراهم ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته مقامي ماڻهن کي توانائي بحران کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
تيل ۽ گئس جا ذخيرا/اگهن ۾ واڌ:
سنڌ ۾ موجود قدرتي گئس جا ذخيرا ملڪ جي ڪل پيداوار جو وڏو حصو آهن پر مقامي علائقن کي ان جا فائدا ڏيڻ بدران، انهن کي محروم ڪيو وڃي ٿو. سنڌ جي عوام کي مهانگي اگهه تي گئس وڪرو ڪئي وڃي ٿي، جيڪا انهن جي وسيلن سان ناانصافي آهي.
صنعتن لاءِ توانائي بحران: مقامي صنعتون، خاص طور تي حيدرآباد ۽ نوابشاهه جهڙن علائقن ۾، توانائي جي کوٽ سبب ڪمزور ٿي رهيون آهن.
آمدني جي ورڇ:
تيل ۽ گئس مان ٿيندڙ آمدني جو وڏو حصو وفاقي حڪومت تائين محدود آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ ان جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪجهه به نه ٿو ڪيو وڃي.
ڌاري آبادڪاري جا اثر:
سنڌ ۾ ٻين صوبن کان ماڻهن جي لڏپلاڻ سان مقامي ماڻهن کي روزگار، زمين، ۽ ڪاروبار جي ميدان ۾ مقابلو ڪرڻو پوي ٿو. ڌاري آبادڪاري سان نه صرف سنڌ جي وسيلن تي دٻاءُ وڌي ٿو پر ان سان سنڌ جي ثقافت، ٻولي، ۽ سڃاڻپ کي به خطرو آهي.
روزگار تي قبضا ۽ ڪاروبار تي پوندڙ اثر:
ڌاريا ماڻهو خاص طور تي گهٽ اجرت تي ڪم ڪندڙ مزدور، مقامي ماڻهن جي روزگار جا موقعا کسي رهيا آهن. ڌارين جي واپار ۽ صنعتن ۾ وڌندڙ موجودگي سان مقامي ماڻهن جا ننڍا ڪاروبار ختم ٿي رهيا آهن.
سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ تي اثر:
ڌاري آبادڪاري سان سنڌ جي ٻولي، ثقافت ۽ روايتن تي اثر پئجي رهيو آهي، جنهن سان مقامي ماڻهن ۾ احساس محرومي وڌي رهي آهي.
حل ۽ تجويزون
1. وسيلن تي حق جو تحفظ:
سنڌ جي تيل ۽ گئس جي پيداوار جو مناسب حصو سنڌ جي بنيادي ڍانچي تي خرچ ڪيو وڃي. مقامي ماڻهن لاءِ توانائي جا منصوبا شروع ڪيا وڃن.
2. ڌاري آبادڪاري لاءِ ضابطا:
قانوني طريقي سان ڌارين جي آبادڪاري تي ڪنٽرول ڪيو وڃي، ته جيئن مقامي ماڻهن جا حق محفوظ ٿي سگهن.
3. سياسي مسئلن کي محدود رکڻ:
ٻين علائقن جي مسئلن کي سنڌ ۾ آڻڻ کان پاسو ڪيو وڃي. وفاق ۽ صوبائي حڪومتن کي اهڙن معاملن ۾ سنڌ جي عوام جي مفادن کي اڳيان رکڻ گهرجي.
4. ماحولياتي تحفظ:
سنڌ ۾ وسيلن جي استحصال کي روڪڻ لاءِ ماحولياتي قانون لاڳو ڪيو وڃي، خاص طور تي صنعتي فضلي کي ضايع ڪرڻ لاءِ سخت ضابطا ٺهرايا وڃن.
حاصل مقصد:
سنڌ کي "ڊسٽ بن" بڻائڻ واري سوچ وفاق جي غير منصفانه پاليسين ۽ سياسي بي ڌياني جو نتيجو آهي. جيڪڏهن سنڌ جي وسيلن، ثقافت، ۽ ماڻهن سان موجوده روش کي تبديل نه ڪيو ويو ته اها ڳالهه صرف سنڌ لاءِ نه پر سڄي ملڪ لاءِ نقصانڪار هوندي. سنڌ جا وسيلا سنڌ جي عوام جو حق آهن ۽ انهن تي ڪنهن به قسم جي قبضي يا استحصال کي رد ڪرڻ ضروري آهي. سنڌ کي پنهنجي وسيلن تي مڪمل اختيار ڏيڻ ۽ ڌارين جي مداخلت کان آزاد ڪرڻ ئي ان مسئلي جو واحد حل آهي.
0 تبصرے