يوڪرين هڪ پنج سالا معاهدي تحت روس کي گئس فراهم ڪرڻ لاءِ 2019ع ۾ هڪ معاهدو ڪيو هو جنهن جي ذريعي روس، يوڪرين کان اها گئس حاصل ڪري يورپ جي ٻين ملڪن بلغاريہ، سربيا،آسٽريا، سلوواڪيہ ۽ هنگري ملڪن کي اها گئس فراھم ڪندو هو، جيئن تہ اهو پنج سالن جو معاهدو 31 ڊسمبر تي پورو ٿيڻ کانپوءِ، يوڪرين طرفان وڌيڪ معاهدي ڪرڻ جو ڪو بہ امڪان موجود نہ آهي. فرانس ۾ قائم زاڪ ديلور انسٽيٽيوٽ آف انڊسٽري جي سربراھ فوڪ وين جو چوڻ آهي ته روس جيڪا گئس يورپ کي ڏئي ٿو انهيءَ جو هڪ حصو تہ صرف يوڪرين کان حاصل ڪري ٿو.
روس جڏهن يوڪرين تي جنگ مسلط ڪئي تہ روس جي طرفان يوڪرين کان حاصل ٿيندڙ گئس تي گهٽ ڀاڙڻ لڳو ڇاڪاڻ تہ اهو معاهدو 2024 تائين هو جنهنجي روس کي بخوبي ڄاڻ هئي. اڱاري واري ڏينهن تي يوڪرين طرفان ان ڳالھ جو واضع اعلان پڻ ڪيو ويو تہ سندن ملڪ روس کي گئس فراهم ڪرڻ بند ڪري ڇڏي آهي. آسٽريا پنهنجي گئس جي ضرورت کي يوڪرين طرفان ايندڙ گئس تي ڀاڙي ٿو ۽ آسٽريا وٽ وقتي طور ڪوبہ آپشن موجود نہ آهي جنهن ڪري کيس ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو،جڏهن تہ سلوواڪيہ پنهنجي ضرورت جو پنجاھ پرسنٽ حصو پڻ يوڪرين کان ايندڙ گئس تي ڀاڙي ٿو. جڏهن تہ سلوواڪيہ وري بجلي يوڪرين کي فراهم ڪري ٿو پر مسئلي جو حل وقتي طور ڏاڍو مشڪل لڳي رهيو آهي ڇاڪاڻ تہ سلوواڪيہ اها گئس روس کان وٺي ٿو ۽ روس وري يوڪرين کان، سلوواڪيہ انتظاميه وقتي طور دهمڪي ڏني تہ آهي پر ڏسجي تہ يورپ ۽ روس لاءِ يوڪرين کان ملندڙ گئس جو نئون معاهدو ٿئي ٿو يا نه پر ظاهري عالمي منظر نامي تي ڏسجي تہ نئون معاهدو ناممڪن لڳي رهيو آهي.
يوڪرين روس کي سالانہ چوڏنهن ارب مربع ميٽر گئس فراهم ڪري ٿو.يورپي يونين جو چوڻ آهي ته يوڪرين کان گئس لائين ڪٽجڻ سان ڪو خاص فرق پوڻ جا ڪي به امڪان موجود نہ آهن. يورپي ڪميشن اي ايف پي کي اڱاري واري ڏينهن ٻڌايو هو ته هڪ سال پهريان ئي روس ۽ يورپ جي انهيءَ جي تياري ڪري ڇڏي هئي.
0 تبصرے