نوان ڪئنال منصوبو جاري رهيو ته پنجاب جي گئس، بجلي ۽ رستا بند ڪري ڏينداسين: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي

صدر زرداري سنڌو درياهه تي 6 نوان ڪينال ٺاهڻ جي اجازت ڏئي سنڌ دشمني ڪئي

نوان ڪئنال منصوبو جاري رهيو ته پنجاب جي گئس، بجلي ۽ رستا بند ڪري ڏينداسين: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي

سجاول (رپوٽر)سنڌو درياهه تي نوان ڪينال اڏڻ بند نہ ڪيا ويا تہ پنجاب جي گئس، بجلي ۽ روڊ رستا بند ڪري ڇڏينداسين، اسان بک ۽ اڃ مرندا رهندا رھون ۽ اسان جي وسيلن تي ٻيا عيش ڪن اھو برداشت نه ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پريس ڪلب سجاول ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته صدر زرداري سنڌو درياهه تي 6 نوان ڪينال ٺاهڻ جي اجازت ڏئي سنڌ سان دشمني ڪئي آهي. نون ڪئنال جي اڏاوت کانپوءِ سنڌ جا ماڻهو پاڻي جي هڪ ھڪ ڦڙي لاءِ ترسندا، زراعت تباهه ٿي ويندي ۽ معاشي حالت خراب ٿيڻ سان لکين ماڻهو متاثر ٿيندا. هن چيو ته پاڻي سنڌ ۾ رهندڙ هر ڪنهن جي ضرورت آهي، ان ڪري سنڌ ۾ رهندڙ هر فرد کي گهرجي ته پنجاب جي ريگستانن کي آباد ڪرڻ لاء سنڌو دريا کو رخ موڙڻ خلاف آواز اٿاري. هن چيو ته سردار شاهه ڪوڙو آهي، هو سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٻين مسئلن تي تہ مسئلي تي پنهنجي فصاحت ۽ بلاغت جا دريا وھائي ڇڏيندو آھي، پر ڪينالن جي مخالفت ۾ ڳالھائڻ سندس ڳلي ڇو خشڪ ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن هن کي واقعي سنڌ جو درد آهي ۽ صدر زرداري واهه ٺاهڻ جي اجازت نه ڏني آهي ته هو اسيمبليءَ جي فلور تي ان جي کليل مخالفت ڇو نٿو ڪري. هن چيو ته حڪومت سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاهڻ بند ڪري، اهو سنڌ جي لکين ماڻهن کي معاشي طور قتل ڪرڻ برابر آهي.