ملير: ابراهيم حيدري ويجهو گئس عملي جي ڪارروائي، رهواسين جو احتجاج

ملير: ابراهيم حيدري ويجهو گئس عملي جي ڪارروائي، رهواسين جو احتجاج

ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ابراهيم حيدري لڳ الياس ڳوٺ ۾ سوئي گيس عملي جو پوليس سميت غير قانوني گيس ڪنيڪشن ڪاٽڻ لاءِ آپريشن، رهواسي مزاحمت ڪندا گھرن کان ٻاھر نڪري آيا سخت نعريبازي، اسان چوري لڳايل گيس ڪنيڪشن ڪٽيا آھن غير قانوني گيس ڪنيڪشن ھڻندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي سوئي گيس کاتي جا عملدار تفصيل موجب ابراهيم حيدري لڳ الياس ڳوٺ ۾ سوئي سدرن گيس عملي پوليس سان گڏ پهچي ڳوٺ ۾ غير قانوني گيس ڪنيڪشن ڪاٽڻ لاءِ آپريشن ڪري ڪيترائي ڪنيڪشن ڪٽي ڇڏيا ان موقعي تي رهواسي مزاحمت ڪندا گھرن کان ٻاھر نڪري آيا ۽ سخت نعريبازي ڪئي جڏهن ته سوئي گيس کاتي جي عملدارن ٻڌايو ته اسان چوري لڳايل گيس ڪنيڪشن ڪٽيا آھن غير قانوني گيس ڪنيڪشن ھڻندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، هوڏانهن گيس ڪنيڪشن ڪٽجڻ کان پوءِ ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي چيو اسان 4 مهينا اڳ في ڪنيڪشن جا 35 ھزار ڏنا هئا ۽ ماهوار 1500 ورتا پيا وڃن ان وقت عملو ڪٿي گم ھو اسان سان سراسر ناانصافي ڪئي ويئي آهي