English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
توانائي شعبي ۾ سڌارن، موسمياتي تبديلين تي قابو پائڻ لاءِ جوهري توانائي جو استعمال ضروري قرار
views
|
24th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ماهرن توانائي واري شعبي ۾ سڌارن، موسمياتي تبديلين تي ظابطي لاءِ جوهري توانائي جي استعمال کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو جوهري ٽيڪنالاجي جو وڌ کان وڌ استعمال پاڪستان جي توانائي بابت مسئلن کي حل ڪرڻ سان گڏوگڏ موسمياتي تبديليءَ واري بحران تي ظابطو آڻڻ لاءِ پائيدار حل طور اڻٽر آهي.اهڙن خيالن جو اظهار اڱاري ڏينهن” جوهري توانائي جو پُرامن استعمال“ جي موضوع تي ڪوٺايل سيمينار دوران ٿيل ڳالهين ۽ بحثن جو بنيادي نڪتو هو. ڊي ايڇ اي صفا يونيورسٽي( ڊي ايس يو) ۽ ملينيئم انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي انٽرپرينيور شپ ( ايم آءِ ٽي ايِ) جي سهڪار سان سينٽر فار انٽرنيشنل اسٽريٽيجڪ اسٽيڊيز سنڌ( سي آءِ ايس ايس ايس ) جي انتظام هيٺ ڊي ايس يو آڊيٽوريم هال ۾ ٿيو ايم آءِ ٽي اي جي ريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر هما بقائي، پلينري سيشن جي صدارت ۽ افتتاح ڪئي. ان موقعي تي هن واضح ڪيو ته حڪومت پاڪستان جي ورزن موجب، 2050 تائين نيوڪليئر پاور پلانٽس ( اين پي پي ) ذريعي چاليهه هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪئي ويندي جيڪا ملڪ جي توانائي جي ڪُل گهرجن جو پورائو ڪندي، هي هڪ ساراهڻ جوڳو ڪارنامو هوندو جنهن کي بهترين نموني اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي. ڊي ايس يو جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر احمد سعيد منهاس آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ملڪ لاءِ پائيدار هدف حاصل ڪرڻ لاءِ قومي کاتن وچ ۾ سهڪار جي اهميت کي اجاگر ڪيو.ڪورنگي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري ( ڪي اي ٽي آءِ ) جي صدر جنيد نقي پنهنجي اختتامي جملن سان سيشن جي پڄاڻي ڪئي، جنهن ۾ اين پي پيز جي ڪردار تي روشني وڌي وئي جنهن ۾ چشمه ۾ چار ۽ ڪراچي ۾ ٻه پلانٽ قومي گرڊ کي 3500 ميگاواٽ کان وڌيڪ صاف ۽ سستي توانائي فراهم ڪري رهيا آهن. هن جوهري توانائي جي ڪردار تي وڌيڪ روشني وڌي جيڪا پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن رڊيو فارمسيوٽيڪلز، آسوٽوپ جي پيداوار، غير تباهه ڪندڙ جاچ، پاڻي کي صاف ڪرڻ ۽ بين جاين تي استعمال ڪري رهيو آهي جيڪي صنعت، تعليمي، سرڪاري ۽ نجي شعبن وچ ۾ سهڪار لاءِ رستا کولي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته “ توانائي ترقي کي ۽ ترقي قومن کي بااختيار بڻائيندي آهي ۽ امن ۽ ترقي لاءِ ايٽمي توانائي جو استعمال هڪ آئوٽ آف باڪس حل آهي جنهن جي ملڪ کي سخت ضرورت آهي ۽ ڪي اي ٽي آءِ ان مقصد لاءِ کنيل هر قدم ۾ پنهنجو مڪمل سهڪار فراهم ڪرڻ جو عزم ڪري ٿو. اڳوڻي ناڻي واري وزير، صلاحڪار خاقان حسن نجيب سيشن کي خطاب ڪندي انرجي ري سيٽ ورزن وضاحت ڪئي. هن پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن ( پي اي اي سي ) کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي جنهن بابت سندس چوڻ هو ته هي ان ڳالهه جي بهترين مثال آهي ته آزاداڻا فيصلا ڪرڻ ۾ خودمختيار هڪ قابل افرادي قوت ڪيئن حيرت جوڳا ڪم ڪري سگهي ٿي. ڪاميابي جي ان ماڊل کي پبلڪ سيڪٽر جي سمورن کاتن ۾ لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن زور ڏيندي چيو ته ” گيم چينجر “ جهڙي ڪائي شئي ناهي هوندي ڇو ته ميڪرو اڪانومي کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ رڳو محنت ۽ مسلسل ڪوششون ئي پاڪستان کي بحران مان نڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون.هن چيو ته ري آرگنائزڊ انرجي آرڪيٽيڪچر پاڪستان جي حتمي منزل آهي، توانائي جي صنعت ۾ مسابقتي مارڪيٽ وقت جي گهرج آهي. اٽڪل 3600 ميگاواٽ بجلي جيڪا ملڪ جي بجلي جي گهرجن جو ڏهه سيڪڙو پورائو ڪري ٿي جوهري توانائي ذريعي پيدا ڪئي پئي وڃي، جيڪا اتساهيندڙ ڳالهه آهي ۽ توانائي جي ان صاف ذريعي کي جيڪو بيس لوڊ به آهي، کي وڌيڪ ترجيح جي ضرورت آهي.هن وڌيڪ چيو ته پاليسي ۽ ٽئڪس واري نظام جي نئين سر جوڙ جڪ ۽ سڌارا اڻٽر آهن ۽ اِهو رڳو قابل انساني وسيلن جي خدمتون حاصل ڪرڻ، بجلي جي طلب کي ترغيب ڏيڻ ۽ ان جي سائيڪل کي منظم ڪرڻ سان ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو. نيوڪليئر پاور جي معيشيات جي وضاحت ڪندي هن چيو ته 2023ع ۾ نيوڪليئر ڪل بجليءَ جو 17 سيڪڙو فراهم ڪيو جيڪو هڪ متاثر ڪندڙ ڪاميابي جي ڪهاڻي آهي ۽ پاڪستان کي اهڙيون وڌيڪ ڪهاڻيون گهرجن. ” نيوڪليئر پاور پلانٽس ستر کان اسي ورهين تائين هلندا رهندا آهن، جيڪي تيل گئس ۽ ڪوئلي تي هلندڙ پلانٽس جي ڀيٽ ۾ هڪ بهتر آپشن بڻائن ٿا، اين پي پيز اسي سيڪڙو کان وڌيڪ ڪارڪردگي ۽ صلاحيت واري عنصر سان گڏ هلن ٿا، اين پي پيز هر ٻارڻ لوڊ ڪرڻ بعد بنا ڪنهن وقفي جي 18 مهينن تائين هلندا رهندا آهن جيڪو ملڪ لاءِ انرجي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائي ٿو“ خاقان پنهنجي تقرير جي آخر ۾ چيو ته توانائي جي منصوبابندي ڪري پاڪستان پنهنجي توانائي جي مسئلن تي ظابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو.ان کانپوءِ هڪ انٽرايڪٽو سيشن ٿيو جنهن ۾ شاگردن، ميڊيا ۽ صنعت سان واڳيل اسٽيڪ هولڊرز ماهرن جي پئنل کان لاڳاپيل سوال ڪيا جنهن جا تسلي بخش جواب ڏنا ويا. سيمينار جي بنيادي اجلاس جو افتتاح ۽ صدارت سفير قاضي ايم خليل الله ( ر)، ايگزيڪٽيو ڊائريڪٽر سي آءِ ايس ايس ايس ڪئي سيمينار جي بنيادي اجلاس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ” پاڪستان اٽڪل ڇهه ڏهاڪا اڳ جوهري ٽيڪنالاجي جي پُرامن استعمال جي شروعات ڪئي هئي، پاڪستان عالمي جوهري توانائي ايجنسي جي خدشن تحت پنهنجا اين پي پيز هلائي رهيو آهي ۽ ان وٽ حفاظت جو تسليم ٿيل رڪارڊ موجود آهي ۽ 2023 ۾ گڏيل عرب امارتن ۾ ٿيل ڪوپ-28 دوران جوهري صلاحيت کي ٽيڻو ڪرڻ جي سفارٽ هڪ تاريخي موقعو هئي ۽ 2024 ۾ ٿيل ڪوپ- 29 دوران 31 ملڪن طرفان اهڙي قسم جي ارادي جي اظهار سان ان ڳالهه تي روشني وڌي وئي آهي ته زيرو ڪاربن جي خارج ڪرڻ واري هدف کي حاصل ڪرڻ جوهري توانائي اڻٽر آهي. ان کانپوءِ اڪنامس اينڊ سوشل ڊيولپمينٽ، انسٽيٽيوٽ آف بزنس مئنيجمينٽ، ڪراچي طرفان پروفيسر ڊاڪٽر شاهده پاڪستان ۾ نيوڪليئر انرجي اڪنامڪس جي موضوع تي روشني وڌي. هن چيو ته پاڪستان معيشت کي پيش چئلينجز جو هڪ جائزو پيش ڪندي ٻڌايو ته 52 ڏهائي 1 سيڪڙو بجلي، تيل، گئس، آر ايل اين جي ۽ ڪوئلي ذريعي پيدا ٿئي ٿي ۽ اِهو ئي سبب آهي جو بجلي جي پيداوار جو اختلاط تصوير پيش نٿو ڪري جنهن جي نتيجي ۾ قومي ناڻي تي وڏي مقدار ۾ مٽا سٽا ناڻي جو ٻوجهه پوي ٿو جيڪو درآمدي ٻارڻ جي خريداري ۾ خرچ ڪيو ويندو آهي. “ هن چيو ته ” هائيڊرو ۽ نيوڪليئر، سستا ۽ ماحول دوست هئڻ باوجود، بجلي جي پيداوار جي مڪس ۾ گهٽ حصو رکن ٿا. “ ان کانپوءِ فوجي فائونڊيشن جي اڳوڻي ايم ڊي وقار احمد ملڪ پاڪستان ۾ صنعتي ترقي لاءِ نيوڪليئر انرجي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سڄي دنيا ۾سڀ کان وڌيڪ جن مسئلن تي بحث ٿي رهيو آهي اُهو توانائي جي حفاظت ۽ خوراڪ جي حفاظت آهن، جنهن کانپوءِ موسمياتي تبديلي، ڊيڪاربنائزيشن ۽ ڊجيٽلائيزيشن شامل آهن. سيمينار کي اڳوڻي سينيٽر ۽ وفاقي وزير جاويد جبار پڻ خطاب ڪيو. سي آءِ ايس ايس ايس اسلام آباد ايگزيڪٽيو ڊائريڪٽر سفير سرور نقوي، ايس پي آڊي سان گڏوگڏ پي اي ايِ سي جي اهم شخصيتن به سيمينار ۾ شرڪت ڪئي جيڪو دلچسپ انٽرا ايڪٽو سيشن سان پڄاڻي تي پهتو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Jan 2025
•
سندھ
پاکستان ایگریکلچر اینڈ ہارٹیکلچر فورم کے سینئر نائب صدر خالد اعجاز کا حکومت سندھ سے پاکستان کے پہلے اے پی ای زیڈ کی خستہ حالی کا فوری نوٹس لینے کا مطالبہ
17th Jan 2025
•
سندھ
عمران خان اور بشریٰ بی بی کے خلاف عدالتی فیصلہ انصاف کی جیت ہے، اظفر صدیقی
17th Jan 2025
•
تازہ ترین
اسلام آباد: بشریٰ بی بی کو عدالت سے گرفتار کر لیا گیا، القادر یونیورسٹی کو سرکاری تحویل میں لینے کا حکم
17th Jan 2025
•
تازہ ترین
اسلام آباد: 190 ملین پاؤنڈ کیس، پی ٹی آئی کے بانی عمران خان اور بشریٰ بی بی کو سزا
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
اطلاعات کاتي سنڌ جي ڊپٽي سيڪريٽري جو ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيس ٺٽي جو دورو
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ اجمير نگر پوليس تي 2 لک نه ڏيڻ تان نوجوان کي هاف فراءِ ڪرڻ جو الزام
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي بنجر بئاڻڻ جي سازش آهي: ف ليگ اڳواڻ
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول: ڊي سي زاهد حسين رند جي صدارت هيٺ اجلاس
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
DSU
Suffa
0 تبصرے