سنڌوءَ تي نوان ڪئنال ٺاهڻ سنڌ لاءِ موت آهي، عالمي ادارن منصوبي کي رد ڪيو آهي: جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو

سنڌوءَ تي نوان ڪئنال ٺاهڻ سنڌ لاءِ موت آهي، عالمي ادارن منصوبي کي رد ڪيو آهي: جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو

وارهه: درياء مان ڪئنالن ذريعي جيترو پاڻي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اوترو پاڻي ئي ناهي ڪئنالن جي ڳاله سنڌ جي لاء موت جي ڳاله آھي ڪئنال نڪتا ته سڄي سنڌ تباھ ٿي ويندي جونيئر ذوالفقار ڀٽو جون وارھہ ۾ پارٽي اڳواڻ جي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهيون خبر موجب شھيد ميرمرتضيٰ ڀٽو جي فرزند جونيئر ذوالفقار ڀٽو وارھہ ۾ پارٽي اڳواڻ مرحوم مراد چانڊيو جي وارثن سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته سنڌو درياء مان ڪئنال ڪڍڻ واري ڳاله ڪا عام ڳاله ناهي اها سنڌ جي موت جي ڳاله آھي جيڪا قبول ناهي درياء ۾ ايترو پاڻي ئي ناهي جو ڪئنال پاڻي کڻن هن چيو ته ڪيتري افسوس جي ڳاله آھي ته حڪومت وٽ صحت، تعليم روزگار لاء فنڊ ناهن پر سنڌ جي ڪروڙين عوام کي تباھ ڪرڻ لاء ڪهڙي سائنس تحت ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن . جونيئر ذوالفقار چيو ته عالمي ادارا حڪومت جي بيوقوفي تي فنڊ ڏيڻ لاء تيار ناهن ڪئنالن جي مسئلي کي عام سمجهڻ نه گهرجي هن چيو ته شھيد والد ميرمرتضيٰ ڀٽو جي ساٿين وٽ وڃڻ وقت سڪون ايندو آھي مراد چانڊيو ساٿي هيو سندس وڇوڙي تي افسوس آھي پونئيرن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آھيون .