سال 2024ع ۾ ڪير پهرين نمبر تي رهيو

تحرير: سيد غلام مصطفي شاھ

سال 2024ع ۾ ڪير پهرين نمبر تي رهيو

نيٺ 2024ع بہ اچي خيرن سان پورو ٿيڻ وارو آهي ۽ نئين سال جي شروعات خيرن سان ٿيڻي آهي. ڌڻيءَ در دعا آهي تہ 2025ع سال 2024ع کان بهتر ۽ امن ڀريو ٿئي ۽ محبتون قائم رهن.دنيا ۾ 2024ع ۾ ڪير پهرين نمبر تي رهيو ڪنهن رڪارڊ قائم ڪيو ڪنهن پهريون نمبر وڃايو دنيا ڀر جون دلچسپ ڳالهيون پڙهندڙن آڏو رکجن ٿيون.

(1) دنيا جي پهريون نمبر ايندڙ ويب سائيٽ گوگل آهي جيڪا لڳاتار مسلسل ٽين سال ۾ بہ پهريون نمبر رهي. جڏهن تہ فيس بڪ ٻيئن ۽ ۽ ايپل ٽيئن نمبر تي سال جون مشهور ايپليڪيشنس آهن.

(2) فيس بڪ سال 2024ع جي پهرين نمبر تي رهندڙ سوشل ميڊياايپ رهي.

(3) هالي ووڊ فلم ان سائيڊ آئوٽ ٽو 2 Inside Out سال 2024ع جي پهرين نمبر تي رهندڙ فلم آهي جنهن پوري دنيا ۾ اندازن $1,698,765,616 ڊالرن جو رڪارڊ بزنس ڪيو.

(4) بالي ووڊ جي سال 2024ع جي پهريون نمبر رهندڙ فلم "اسٽري ٽو" آهي جيڪا سال 2024ع جي ڪامياب فلم رهي. جنهن 874.58 ڪروڙ انڊين روپين جو ڪامياب بزنس ڪري پهرين نمبر تي رهي.

(5) تيلگو زبان جي پهرين نمبر تي رهندڙ فلم جنهن 2024ع جي بهترين فلم ۽ پهرين نمبر تي اچڻ جو اعزاز کنيو اها آهي " پشپا ٽو" دي رول جنهن دنيا ڀر ۾ 1526.95 ڪروڙ انڊين روپين جو بزنس ڪيو.

(6) انڊيا ۾ سال 2024ع جي وڌيڪ ڏٺي ويندڙ ويب سيريز " هيرا منڊي دي ڊائمنڊ بازار" آهي، جيٽوڻيڪ هن ويب سيريز جي ڊائريڪٽر سنجي ليلا ڀنسالئَ تي تمام گهڻي تنقيد ٿي پر پوءِ بہ 2024ع جي سڀ کان وڌيڪ ڏٺي ويندڙ ويب سريز ثابت ٿي.

(7) سال 2024ع جو امير ترين اداڪار " ٽيلر پيري" Tyler Perry آهي جنهنجي دولت هڪ بلين ڊالر کان بہ وڌيڪ آهي ياد رهي تہ دنيا جي ڏھ امير ترين اداڪارن هڪ هندوستاني شاھ رخ خان چوٿين نمبر تي آهي جنهنجي ملڪيت 730 ملين ڊالر ٻڌائي پئي وڃي.

(8) سال 2024ع جو سڀ کان وڌيڪ مشهور ناول آمريڪا جي ليکڪا " ايملي هينري" جو لکيل " فني اسٽوري" رهيو.

(9) 2024ع ۾ وڌيڪ وڪامجندڙ ڪتاب "Hot Mess" آهي جنهنجو ليکڪ Jeff Kinney آهي.

(10) مشهور اخبار "Reuters" طرفان سال جي پهرين تصوير ڊونلڊ ٽرمپ جي ڏيکاري وئي جنهن ۾ هن تي اليڪشن مهم دوران حملو ڪيو ويو تصوير ۾ ڏيکاريو ويو تہ سندس مٿي مان رت وهي رهيو آهي ۽ هو مڪو ڏيکاري رهيو آهي.

(11) فوٽ بال راند جو سال 2024ع جو پهريون نمبر رهندڙ رانديگر "Rodri" آهي جيڪو مانچسٽر سٽي طرفان کيڏي ٿو کيس تيز ترين فوٽ بالر طور سڃاتو وڃي ٿو.اها سروي "The Guardian" اخبار جي آهي.

(12) ٽينس راند ۾ سال 2024ع جو پهرين نمبر تي رهندڙ رانديگر Jannik Sinner آهي جيڪو 11830 پوائنٽن سان سال جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو، سندس تعلق اٽلي ملڪ سان آهي.

(13) سال 2024ع جو يادگار لمحو جڏهن ڊونلڊ ٽرمپ اليڪشن کٽي ۽ ڪملا هيرس هار مڃي. ان لمحي کي سال جو بهترين لمحو قرار ڏنو ويو.

(14) جيمز اينڊريسن انگلينڊ جي مشهور رانديگر سال 2024ع ۾ سڀ کان پهريان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کي خير آباد ڪيو.