آئين جي آرٽيڪل 158 مطابق سنڌ کي پنهنجي معدني وسيلن مان جائز حق ڏنو وڃي: ڪاشف سعيد شيخ

جماعت اسلامي امن امان، سنڌوءُ مان نوان ڪينال ڪڍڻ خلاف 12 جنوري تي سکر ۾ اي پي سي سڏائي آهي

آئين جي آرٽيڪل 158 مطابق سنڌ کي پنهنجي معدني وسيلن مان جائز حق ڏنو وڃي: ڪاشف سعيد شيخ

ڪراچي/ لاڙڪاڻو (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته سنڌ ملڪ جي سمورن صوبن جي مجموعي پيداوار کان به وڌيڪ گيس پيدا ڪري ٿي پر موٽ ۾ ان کي پنهنجي جائز آئيني حصي کان به محروم ڪري مشڪلاتن جي اوڙاهه ۾ اُڇلايو ويو آهي، وفاق طرفان اهڙي ناانصافي ۽ ٻه اکيائي جي ڪري صوبي جي عوام ۾ بي اطميناني پيدا ٿي رهي آهي جيڪڏهن اها روش جاري رهي ته ملڪي استحڪام ۽ ايڪي کي نقصان پهچڻ جو انديشو آهي، سنڌ ۾ گيس جي شديد کوٽ سبب سنڌ جا صنعتي توڙي گهريلو صارفين سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ ڪيترائي ڪارخانا بند ٿي ويا آهن. جنهن سان نه رڳو بيروزگاري ۾ اضافو بلڪه ملڪي برآمدات ۾ پڻ گهٽتائي ٿيندي.پارا چنار ۾ حالتون گذريل اڍائي مهينن کان شديد خراب آهن، سڄي ملڪ ۾ احتجاج جاري آهي، پر طاقتور ڌُرين سميت حڪومت جي ڪن تي جونءُ به نٿي سُري، پارا چنار ۽ ڀرپاسي ۾ انساني المي جي ڪري دوائن ۽ خوراڪ جي شديد کوٽ سبب 100 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙن جو موت بي حسي جي انتها آهي. اڳ ۾ به حڪمرانن پاران اوڀر پاڪستان جي عوام سان اهڙي رويي جي ڪري  ملڪ  ٻه ٽڪر ٿي ويو هو جنهن جا نتيجا ملڪ اڄ به ڀوڳي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جماعت اسلامي پاران لاڙڪاڻو ڊويزن جي ٻه روزه تربيت گاهه کي خصوصي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ممتاز حسين سهتو،عثمان فاروق شيخ، نائب امير صوبه پروفيسر نظام الدين ميمڻ، حافظ نصرالله چنا، جنرل سيڪريٽري محمد يوسف، ڊپٽي علامه حزب الله جکرو، امداد الله بجاراڻي، ضلعي امير ايڊوڪيٽ نادرعلي کوسو ۽ قاري ابو زبير جکرو پڻ خطاب ڪيو. ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري سنڌ جي گيس ۽ پاڻي تي سوديبازي ڪري چوٿون ڀيرو سنڌ ۾ اقتدار ۽ صدارت جي ڪرسي تي فائز ٿيو آهي، هوءَ عوام کي سکڻا دلاسا ڏيڻ بدران وفاق کان سنڌ جي معدني ۽ زرعي وسلين ۾ جائز حق وٺي ڏيڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري، پ پ چيئرمين پاران ڪينال، گيس ۽ ناڻي سميت سنڌ جا ٻيا مسئلا اُٿارڻ جو مقصد فقط پاورشيئرنگ واري فارمولي تي عمل ڪرائڻ لاءِ وفاق تي دٻاءُ وجهڻ آهي نه ته ڏهاڪن کان سنڌ جا سمورا اهم مسئلا نظر انداز ٿيندا رهيا آهن.هن وقت به سنڌوءَ مان نون ڪينال ڪڍڻ وارو ڪم تيزي سان جاري آهي جنهن سان سڄي سنڌ ”ٿرپاڪر“ جو ڏيک ۽ زراعت توڙي انڊس ڊيلٽا تباهه ٿي ويندي. چوٿون ڀيرو اقتدار ۾ اچڻ باوجود پيپلزپارٽي جي حڪومت سنڌ جي عوام کي امن امان، روزگار سميت بنيادي سهولتون به فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي چڪي آهي. سال 2024ع ۾ ٿرپارڪر ۾ 150 ماڻهن بُک، بدحالي ۽ بيمارين سبب آپگهات ڪري ڇڏيو جڏهن ته اُتر سنڌ جا ضلعا گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ ڪشمور، جيڪب آباد ۽ شڪارپور ڌاڙيل راڄ جي ڪري ڏوهن جي ڏيهه جو منظر پيش ڪري رهيا آهن، عام ماڻهو ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي ۽ انتظاميه توڙي سنڌ حڪومت جا وزير مشير پنهنجي بنگلن ۾ عيش آرام واري زندگي گذارين پيا. ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته آرٽيڪل 158 تحت سنڌ کي گيس جو آئيني حق ڏنو وڃي. وسيلن جي ورڇ لاءِ هڪ شفاف ۽ خودمختيار نظام قائم ڪيو وڃي، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ سان ئي ملڪ معاشي ترقيءَ ۽ عوام لاءِ خوشحالي جو دڳ کلي سگهندو. جماعت اسلامي سنڌ پاران امن امان، سنڌوءُ مان نون ڪينال ڪڍڻ خلاف 12 جنوري تي سکر ۾ اي پي سي سڏائي وئي آهي جنهن ۾ سمورن سياسي، مذهبي ۽ سول سوسائٽي جي تنظيمن کي دعوت ڏئي سنڌ جي مسئلن جي حوالي سان موثر لائحه عمل جوڙيو ويندو.#