ضياءُ الحق هجي يا پرويز مشرف پر شهيد محترمه بينظير ڀٽو ٻنهي آمرن کي للڪاريندي اقتدار تان لاهي ڏيکاريو: نثار کهڙو

ضياءُ الحق هجي يا پرويز مشرف پر شهيد محترمه بينظير ڀٽو ٻنهي آمرن کي للڪاريندي اقتدار تان لاهي ڏيکاريو: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو؛ پ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو خطاب ڪندي چيو ته اهو کڻي ضياءُ الحق هجي يا پرويز مشرف پر شهيد محترمه بينظير ڀٽو ٻنهي آمرن کي للڪاريندي اقتدار تان لاهي ڏيکاريو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو اسان جو سهارو بڻي، کيس خبر هئي ته سندس مٿان حملو ٿيندو پر ان جي باوجود هوءَ پاڪستان کي بچائڻ لاءِ چوندي هئي ته منهنجي ٽرڪ نه چڙهو مون مٿان حملو ٿيندو ائين نه ٿئي جو هو منهنجي پارٽي کي ختم ڪري ڇڏين، کيس خبر هئي ته سندس حياتي کي هتي خطرو آهي پر ان جي باوجود هوءَ جان تري تي کڻي ڏيهه آئي ۽ هن چيو ته ملڪ، عوام ۽ جمهوريت کي بچائڻو آهي، اڄ ملڪ ۾ جيڪا جمهوريت آهي اها محترمه بينظير ڀٽو جي ڪري آهي جنهن پنهنجي جان جي قرباني ڏني پر ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. هن چيو ته اسان آصف علي زرداري جو شڪريو ادا ڪندا آهيون ته هن سڀني کي گڏ ڪيو، هن پارليامينٽ کي باوقار ۽ سپريم بڻائي ڇڏيو، چيئرمين آئين ۾ ڏنل ضمانتن کي ڏسي رهيو آهي ۽ 26 هين آئيني ترميم ڪري واعدو پورو ڪيو.