English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جيڪب آباد ۾ قمبراڻي - معرفاڻي خوني تڪرار جو جرڳو، 9 قتل ثابت، 2 ڪروڙ 73 لک ڏنڊ
217 views
|
25th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
معرفاڻي ڌر جي خون جي بها 25 لک ۽ قمبراڻي ڌر جي في خون جي بها 35 لک مقرر
جيڪب آباد (رپورٽر) خوني جهيڙي جو فيصلو 9 قتل ثابت، 2 ڪروڙ 73 لک روپين جو جرمانو رکيو ويو، جيڪب آباد ۾ قمبراڻي ۽ معرفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ خوني جهيڙي جو فيصلو مولا داد ۾نور رحمان جکراڻي جي بنگلي تي برهان چانڊيو، بابل ڀيو، شفقت جکراڻي جي سرپنچي ۾ ٿيو، فيصلي ۾ ڌرين جون ڳالهيون ٻڌيون ويون، مشورن سان فتوي تيار ڪئي وئي، فتويءِ مطابق معرفاڻي برادري تي 6 قتل ۽ 2 زخمي ثابت ٿيا ۽ قمبراڻي برادري تي 3 قتل ۽ 2 زخمي ثابت ٿيا،هڪ قتل 25 لک روپيا جرماڻو لاڳو ڪيو، جڏهن قمبراڻي برادري جي معزز ڏيول قمبراڻي جي پٽ ۽ ڀائيٽي جو خون 35 لک روپيا جرمانو رکيو ويو، معرفاڻي تي 6 خون ۽ 2 زخمين تي هڪ ڪروڙ 84 لک 50 هزار روپيا مقرر ٿيا، جڏهن ته قمبراڻي برادري تي 3 خون ۽ 2 زخمين جي 89 لک مقرر ڪيا ويا، ٻنهي ڌرين تي 2 ڪروڙ 73 لک 50 هزار روپيا جرمانو مقرر ٿيو، جڏهن ته ڏيول قمبراني جي وڏي ممتاز جکراڻي جي چوڻ تي 20 لک روپيا معاف ڪري معرفاڻي برادري کي 89 لک روپيا 75 لک روپيا 50 هزار3 قسطن ۾ ادا ڪندا، فيصلي سان ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جيڪب آباد
قمبراڻي
معرفاڻي
خوني تڪرار
0 تبصرے