ملير (درياخان شر ) نوجوانن لاءِ جديد صلاحيتن جو حصول وقت جي اهم ضرورت آهي: چيف ايگزيڪيوٽو مهراڻ ايورينس اينڊ ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن مير محمد ياسين چيو آهي ته موجوده جديد دور ۾ تعليم سان گڏ تربيتي ڪورسن جن ۾ آئي ٽي، جديد ٽيڪنالاجي سميت ٻيا کوڙ سارا ڪورس شامل آهن انهن کي سکڻ نوجوانن توڙي نياڻين جي لاءِ ضروري آهي ته جيئن هو پنهنجو ڀرجهلو ٿي سگهن مهراڻ ايوارنس اينڊ ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو مير محمد ياسين وڌيڪ چيو آهي ته نوجوانن لاءِ جديد هنر سکڻ وقت جي اهم ضرورت بڻجي وئي آهي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي، ڊجيٽل مارڪيٽنگ، پروگرامنگ ۽ ٻين شعبن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ سان نه رڳو نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا پر انهن جي ڪامياب ۽ آزاد مستقبل لاءِ به راهه هموار ٿيندي.هن وڌيڪ چيو ته روايتي تعليم سان گڏ جديد هنر سکڻ نوجوانن کي مقابلي واري دور جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي قابل بڻائي ٿو. آن لائين ڪورسز ۽ تربيتي پروگرامن مان فائدو حاصل ڪري نوجوان پنهنجي صلاحيتن کي وڌائي سگهن ٿا ۽ ملڪ جي ترقي ۾ حصو وٺي سگهن ٿا.چيف ايگزيڪيوٽو مير محمد ياسين زور ڏنو ته نوجوان نسل وقت جي تقاضائن کي سمجھي ۽ جديد صلاحيتن کي استعمال ڪندي پنهنجي ترجيحن جو تعين ڪن.پنهنجو حصو نه صرف پنهنجي زندگي جي بهتري لاءِ پر سماج جي بهتري لاءِ پڻ ادا ڪن هن چيو ته نوجوانن جي ترقي ئي قوم جي ترقي آهي، مهراڻ ايورينس اينڊ ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن ان سلسلي ۾ نوجوانن جي رهنمائي ۽ تربيت لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
0 تبصرے