ملير: مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ سيوريج جو نظام ناڪاره بڻيل

ملير: مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ سيوريج جو نظام ناڪاره بڻيل

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ سيوريج جو نظام ناڪاره بڻجي ويو، مک بازار سميت رهائشي علائقا گندي پاڻي سان ڀرجي ويا، يوسي ۽ سنڌ سالڊ ويسٽ انتظاميا صفائي سٿرائي ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، يوسي ۽ سنڌ سالڊ ويسٽ انتظاميا فنڊز ڦٻائڻ رهيا آهن، سماجي اڳواڻ يونس اي ڪي جون صحافين سان ڳالهيون تفصيل موجب : ملير جي ڪاروباري مرڪز مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ سيوريج جو نظام مڪمل طور ناڪاره بڻجي ويو آهي مک بازار سميت رهائشي علائقا گندي پاڻي سان ڀرجي ويا آهن ان سلسلي ۾ سماجي اڳواڻ يونس اي ڪي خاصخيلي چيو ته يوسي ۽ سنڌ سالڊ ويسٽ انتظاميا صفائي سٿرائي ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي جيڪي گڏجي فنڊز ڦٻائڻ رهيا آهن هن چيو ته گندگي سبب علائقي ۾ موذي مرض جنم وٺي رهيا آهن هن چيو ته جيڪڏهن مراد ميمڻ ڳوٺ بالخصوص مين بازار ۾ صفائي سٿرائي جي ڪم کي يقيني بڻايو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.