ٺٽي ۾ جي ڊي اي اڳواڻ شاهنواز بروهي جي ف ليگ اڳواڻ پير ياسر سان ملاقات

ٺٽي ۾ جي ڊي اي اڳواڻ شاهنواز بروهي جي ف ليگ اڳواڻ پير ياسر سان ملاقات

ٺٽو (ڊر ) جي ڊي اي اڳواڻ شاھنواز بروھي پاران فنڪشنل مسلم ليگ جي مرڪزي اڳواڻ پير ياسر سائين سان ملاقات ڪري مختلف اھم مسئلن تي ڳالھ ٻولھ ڪئي، ان موقعي تي فنڪشنل مسلم ليگ جي مرڪزي اڳواڻ پير ياسر سائين سنڌو درياء تي ٺھندڙ ڪئنالن کي رد ڪندي چيو ته جيڪڏھن سنڌو درياء تي ڪئنال ٺھيا ته سنڌ، بلوچستان سميت پئيڻ جي پاڻي لاء ڪراچي سميت وڏا شھر به پيئڻ جي پاڻي جي وڏي قلت ۾ اچي ويندا، پير ياسر سائين چيو تہ اسان جي وڏڙن جون ملڪ لاء وڏيون قربانيون ڏنل آهن، جيڪي ڪڏھن بہ وساري نٿيون سگھجن، ھن چيو تہ ملڪ کي ٺيڪيدارن جي نه پر سٺي سياستدانن جي سخت ضرورت آهي، مڊل ڪلاس سميت زميندار، ھاري، مزدور انتھائي سخت پريشان آھن. باري تعالي کي شل رحم پوي. ھن چيو تہ اھو صرف ڪرپٽ حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب پوري ملڪ جي عوام کي پريشان ڪيو ويو آهي. ھن گھر ڪئي تہ سنڌو درياء تي اڏجندڙن ڪئنالن کي فورن رد ڪري سنڌ جي عوام ۾ ڦھليل بيچيني دور ڪري سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. ان موقعي تي پير علي محمد صاحبزادہ ياسر سائين، پير سيد صفدر شاھ جيلاني، محسن ھنڱورو، انجنئير يونس بروھي، فقير امين امداني، علي جان ڏاھري، فقير نعمت الله ڪانڌڙو، آفتاب راڄڙ، عاشق حسين ڀائڻيجو پڻ موجود ھئا.