عمرڪوٽ(ڊ ر) عمرڪوٽ ۾ ڏيڊ مھينو اڳ ۾ قتل ٿي ويل کوسا برادري جي معزز غضنفر عرف مور کوسو جي قتل ڪيس جي فريادي سندس پٽ اسد کوسو ۽ مقتول جي ڀاءُ رئيس الھبچايو کوسو سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 14 تاريخ تي ڪيس جي ٻڌڻي تان واپس آيا پئي تہ رستي ۾ گجو راڻا درگاھ ڀرسان جوابدار لياقت راھمون ڪاري ڪلر جي گاڏي ۾ ويٺل هو جنهن گاڏي روڪي شيشو هيٺ ڪري چيو ڪيس تان هٿ کڻي وٺو نه ته تنهنجو اهو حشر ٿيندو جيڪو تنهنجي پيءُ جو ٿيو آھي، ھن چيو ته اسان کي سوشل ميڊيا جي ذريعي به جوابدار لياقت راهمون گارگند ڪري ٿو جنهن جا اسان وٽ ثبوت موجود آهن، ھن چيو ته 50 ڏينهن اڳ ڪيٽل فارم ڀرسان گوليون هڻي قتل ٿيل غضنفر عرف مور کوسو جي قتل جو ڪيس پوليس خراب ڪرڻ لاءِ مختلف هربا هلائي رهي آهي ڪيس ۾ نامزد جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ڊي آئي جي ميرپورخاص ڪيس جي جاچ لاءِ ٽي رڪني ڪاميٽي جوڙي هئي انهي کي به پنج ڏينهن گذري ويا آهن پر اڃان تائين ڪنهن به قسم جي پيش رفت ناهي ٿي، نه وري جانچ ٽيم اڄ ڏينهن تائين اسان کان قتل ٿيل غضنفر عرف مور کوسو جو موبائيل فون جانچ لاءِ گهريو آهي، مقتول جي ڀاءُ چيو تہ جيڪڏهن منهنجي ڀائٽي کي ڪجهه به ٿيو انهي جي ذميوار عمرڪوٽ پوليس هوندي اسان جي امن جو اجايو امتحان نه ورتو وڃي.
0 تبصرے