اليڪشن ۾ عوام سان ڪيل واعدا پاڙڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوشان آهيون: راڻا همير سنگهه سوڍو

اليڪشن ۾ عوام سان ڪيل واعدا پاڙڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوشان آهيون: راڻا همير سنگهه سوڍو

عمرڪوٽ(ڪانجي مل رکيسر) پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو طرفان سي سي روڊن جي ڪم جو منصوبو مڪمل ٿيڻ تي افتتاح ڪيو ويو، مختلف برادرين طرفان شڪريا ادائي ۽ مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو خبر موجب پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو طرفان شھمير ڪنڀر ڪالوني ۽ نيو ڪنڀر ڪالوني جي سي سي روڊن جي ڪم جو منصوبو مڪمل ٿيڻ تي افتتاح ڪيو ويو جنھن دوران پبلڪ ھيلٿ کاتي جي اسسٽنٽ انجنئير سيد حيدر علي شاھ، ايم سي ميمبر رميش ڪمار رتناڻي سميت ڪالوني جا معزز پڻ گڏ ھئا ان موقعي تي منڱريا، ڪنڀر، نھڙي ۽ کوسا برادرين طرفان راڻا ھمير سنگھ سوڍو جي مان ۾ شڪريا ادائي تقريب ۽ آجياڻو ڏنو ويو رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ھي منصوبو نه صرف گذريل چونڊ مهم دوران ڪيل واعدن جي تڪميل آهي، پر ان جو مقصد عوام جي زندگي کي بهتر بڻائڻ آهي هن چيو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر پاڪستان آصف علي زرداري ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه سميت قيادت عوامي فلاحي منصوبن تي مڪمل يقين رکن ٿا اوھان مان ڏنو ان جو شڪريو ادا ڪريان ٿو ھن چيو ته ڪالوني وارن اليڪشن دوران قومي ۽ صوبائي تڪ تي منھنجي ورڪن دوران پ پ جي اميدوارن کي وڏي ليڊ سان کٽرايو منھنجي ٽيم کي ھدايت ڪيل آھي ته شھر جي ڪنھن به گھٽي روڊ رستي کي نه ڇڏڻو آھي سڀني شھرين جا بناھ ڪنھن فرق جي ڪم ڪيا وڃن ايم سي ميمبر رميش ڪمار رتناڻي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڪالوني جا جيڪي به ڪم ٿيا آھن پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو جي آشرواڌ سان ٿيا آھن ڪالوني وارن جي مان ڏيڻ تي ٿورائتا آھيون مبارڪ علي منڱريو، ڪامريڊ يوسف نھڙي ۽ ٻين چيو ته اسان سڄي ڪالوني جا رھواسي اوھان جا ٿورائتا آھيون جو ھتي ھلڻ لاء روڊ رستن جا ڪم ڏنا آھن جيڪي اسان خواب ۾ به نه سوچيو ھو ڪالوني جا جيڪي رھيل روڊ به جلد مڪمل ھوندا اسان ڪالوني واسي پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو جي ھر حڪم تي ھر وقت حاضر رھنداسين ھتي روڊ رستا نه ھجڻ ڪري رھواسين کي سخت ڏکيائين کي منھن ڏيڻو پوندو ھو جيڪي اڄ سکيا ٿيا آھن جڏھن ته تقريب ۾ آيل مھمانن کي حاجي شھمير ڪنڀر، مبارڪ منڱريو، نبي بخش پنھور، ڪامريڊ يوسف نھڙي سميت ٻين طرفان سنڌ جي ثقافت اجرڪن جا تعفا ڏنا ويا تقريب ۾ مختلف برادرين جي معززين مھراج چيتن جوشي، پامسٽ ڀڳوانداس جٽيا، ڪنول موھن لال رتناڻي، مکي سروپ مالھي، ڀڳوانداس مھراج، اشرف ڪنڀر، اشفاق نھڙي، امام علي ڪنڀر سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي