سجاول(رپورٽر ) 27 ڊسمبر شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي17 هين ورسي جي تيارين جي سلسي ۾ پيپلزپارٽي ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس پ پ پ ضلع سجاول جي صدر رئيس محمد علي خان ملڪاڻي جي صدارت ۾ پارٽي آفيس سجاول ۾ ٿي گذريو، اجلاس ۾ اھو فيصلو ڪيو ويو ته 27 ڊسمبر ڳڙهي خدابخش ۾ رٿيل شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 17 هين ورسي ۾ پيپلزپارٽي ضلع سجاول پاران وڏي جوش جذبي ۽ قافلن جي صورت ۾ ڀرپور نموني سان شرڪت ڪبو، رئيس محمد علي خان ملڪاڻي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي غريب مسڪين ماڻھن جي پارٽي آهي، ملڪ جي عوام ۽ جمهوريت جي بقاءُ خاطر ڀٽي خاندان جي قربانين کي ڪڏھن به وساري نٿو سگهجي، انشاء الله پاڪستان پيليزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽوزرداري هن ملڪ جو وزيراعظم ٿيندو، اجلاس ۾ ايم پي اي ريحانا لغاري، ايم پي اي هيرسوهو، ضلع انفارميشن سيڪريٽري منظوررحيم پليجو، ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري نجيب سرويچ، پ پ پ منارٽي ونگ ضلع صدر ڊاڪٽرهريش ڪمار، ليڊيز ونگ ضلع صدر فردوس عزيزميربحر، زاهدحسين کڏو، شهميرگبول ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي
0 تبصرے