لاهور (م ڊ) فيس (فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ايگريڪلچر سينٽر آف ايڪسيلينس) جيڪو هڪ غير منافعي بخش ادارو آهي، پنجاب حڪومت سان گڏجي زراعت جي شعبي جي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، پنجاب جي زراعت کاتي ۽ فيس وچ ۾ هڪ ايم او يو تي صحيحون ڪيون ويون، فيس پنجاب جي زراعت کاتي کي ٽيڪنيڪي جدت، بين الاقوامي ماهرن ۽ بنيادي ڍانڍي جي ترقي جي ذريعي معاونت فراهم ڪندو ته جيئن فصلن جي اپت ۾ اضافو ڪري سگهجي ۽ موسمياتي تبديلي مطابق پائيدار زراعت جي طريقي کي اختيار ڪيو وڃي. پنجاب جي وزير زراعت سيد عاشق حسين اميد ظاهر ڪئي ته هي گڏيل سهڪار فوڊ سيڪيورٽي، فصلن جي فصلن جي گهٽ اپت ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن جهڙن اهم چئلينجز کي حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. فيس جي چيف آپريٽنگ آفيسر حسن اڪرم ان موقعي تي زور ڏنو ته هي ادارو هارين کي جديد ٽيڪنيڪي ۽ بين الاقوامي مهارت جي ذريعي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي.
0 تبصرے