سجاول ۾ رضا زنگيجو کي فل فراءِ ڪرڻ خلاف احتجاج

غلام مصطفيٰ زنگيجو، سهيل احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو

سجاول ۾ رضا زنگيجو کي فل فراءِ ڪرڻ خلاف احتجاج

سجاول (رپورٽر ) سکر ۾ ڪجه ڏينهن اڳ پوليس هٿان مبينه بنا مقابلي مارجي ويل رضا زنگيجو جي ناحق خون خلاف زنگيجه اتحاد پاڪستان ضلع سجاول پاران احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي زنگيجه اتحاد جي اڳواڻن غلام مصطفيٰ زنگيجو، سهيل احمد زنگيجو، گل حسن زنگيجو، اعظم زنگيجو، اڪبر زنگيجو، ميرزنگيجو ۽ ٻين چيو ته رضا زنگيجو پنهنجي ڀيڻ سان گڏ ڪراچيءَ کان واپس اچي رھيو هو ته سکر پوليس ان کي گرفتار ڪري ڪوڙن ڪيسن ۾ ڏوهاري ڄاڻائي بنامقابلي قتل ڪري ڇڏيو. جڏھن ته ان تي ڪو به ڪيس داخل نه هو ۽ نئي هو ڏوهاري هو. جيڪڏھن هو ڏوهاري هو ته قانون مطابق اُن کي عدالت ۾ پيش ڪبو آهي هنن چيف.جسٽس آف پاڪستان ۽ اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي رضا زنگيجو جي ناحق ۽ بي رحمانه قتل خلاف پاڻ مرادو نوٽيس وٺي شامل اهلڪارن سميت اعلیٰ عهديدارن کي بہ قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.